اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان اولهندي ڪناري تي اسرائيلي خودمختياري لاڳو ڪرڻ جي اسرائيلي پارليامينٽ جي غيرقانوني ڪوشش جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو مذمت جوڳو قدم عالمي قانون جي سنگين خلاف ورزي آهي ۽ فلسطيني حقن ۽ عالمي اصولن جي خلاف اسرائيل جي مسلسل بي حسي کي ظاهر ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري مذمتي بيان ۾ چيو ته اهڙا ڄاڻي …
پاڪستان پاران اولهندي ڪناري تي اسرائيلي خودمختياري لاڳو ڪرڻ جي اسرائيلي پارليامينٽ جي غيرقانوني ڪوشش جي شديد مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان اولهندي ڪناري تي اسرائيلي خودمختياري لاڳو ڪرڻ جي اسرائيلي پارليامينٽ جي غيرقانوني ڪوشش جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو مذمت جوڳو قدم عالمي قانون جي سنگين خلاف ورزي آهي ۽ فلسطيني حقن ۽ عالمي اصولن جي خلاف اسرائيل جي مسلسل بي حسي کي ظاهر ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري مذمتي بيان ۾ چيو ته اهڙا ڄاڻي واڻي ڪيل اشتعال انگيز قدم قابض طاقت پاران امن جي ڪوششن کي ڪمزور ڪرڻ ۽ پنهنجي غيرقانوني قبضي کي مستحڪم ڪرڻ جي منظم ڪوششن کي واضح ڪن ٿا، اهي هڪطرفا قدم خطرناڪ ٽڪراءُ طرف اشارو آهن جيڪو خطي جي استحڪام ۽ هڪ منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي امڪانن کي خطري ۾ وجهي سگهن ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان عالمي برادري تي زور ڀري ٿو ته اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ عالمي انساني قانون جي خلاف ورزين تي اسرائيل کي جوابده قرار ڏيڻ جي لاءِ فوري ۽ فيصلائتا قدم کڻي، اسرائيل جا قدم نه ته تسليم ڪيا ويندا ۽ نه ئي والاريل فلسطيني علائقي جي عالمي طور تي مڃيل حيثيت کي تبديل ڪندا، پاڪستان فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ عزم جي توثيق ڪري ٿو، اسان گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن موجب جون کان اڳ 1967ع جي سرحدن تي ٻڌل هڪ آزاد، خودمختيار ۽ قابل عمل فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي پرزور حمايت ڪريون ٿا جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.











