اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت تيزي سان استحڪام طرف گامزن آهي، پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري سان نه رڳو عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽ تائين پهچ ۾ مدد ملندي پر ٻاهرئين قرضن جي ادائيگي جو دٻاءُ پڻ گهٽ ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ايس اينڊ پي گلوبل ريٽنگز پاران پاڪستان جي …
پاڪستان جي معيشت تيزي سان استحڪام طرف گامزن آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت تيزي سان استحڪام طرف گامزن آهي، پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري سان نه رڳو عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽ تائين پهچ ۾ مدد ملندي پر ٻاهرئين قرضن جي ادائيگي جو دٻاءُ پڻ گهٽ ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ايس اينڊ پي گلوبل ريٽنگز پاران پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ جي درجي ۾ بهتري تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ٽرپل سي پلس مان بي مائنس تي اچڻ اهو ثابت ڪري ٿو ته پاڪستان جي معيشت استحڪام طرف تيزي سان گامزن آهي، پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري سان نه رڳو عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽ تائين پهچ ملڻ مدد ملندي ۽ ٻاهرئين قرضن جي ادائيگي جو دٻاءُ پڻ گهٽ ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا ميڪرو اڪنامڪ اشارا بهتر ٿي رهيا آهن، ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر ٿيڻ سان پاڪستاني معيشت تي ٻاهرئين سيڙپڪارن جو اعتماد بهتر ٿيندو. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ڪامياب معاشي پاليسين جو اعتراف عالمي مالياتي ادارا ۽ ريٽنگز ايجنسيون پڻ ڪري رهيون آهن، حڪومتي معاشي ٽيم جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.











