راولپنڊي-24 جولاءِ (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان رائل سعودي نيول فورسز جي چيف آف نيول اسٽاف وائيس ايڊمرل محمد بن عبدالرحمان الغريبي جوائنٽ اسٽاف هيڊڪوارٽرز راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ بدلجندڙ علائقائي سيڪيورٽي حالتن خاص ڪري سامونڊي حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيئرمين …
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان سعودي چيف آف نيول اسٽاف جي ملاقات

مزید خبریں
راولپنڊي-24 جولاءِ (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان رائل سعودي نيول فورسز جي چيف آف نيول اسٽاف وائيس ايڊمرل محمد بن عبدالرحمان الغريبي جوائنٽ اسٽاف هيڊڪوارٽرز راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ بدلجندڙ علائقائي سيڪيورٽي حالتن خاص ڪري سامونڊي حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي سعودي عرب ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي ٻطرفي دفاعي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان کان اڳ جوائنٽ اسٽاف هيڊڪوارٽرز اچڻ تي معزز مهمان کي ٽنهي هٿياربند فوج جي چست جٿي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.











