وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه پاران بي آءِ ايس پي ريجنل آفيس پشاور جو دورو

پشاور-24 جولاءِ (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه بي آءِ ايس پي ريجنل آفيس پشاور جو دورو ڪيو، جتي هن جاري منصوبن جو جائزو ورتو ۽ شفاف، موثر ۽ عوام دوست سروسز جي فراهمي جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام خيبرپختونخوا جي ڊي جي حيدر مرتضيٰ طرفان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته …

پشاور-24 جولاءِ (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه بي آءِ ايس پي ريجنل آفيس پشاور جو دورو ڪيو، جتي هن جاري منصوبن جو جائزو ورتو ۽ شفاف، موثر ۽ عوام دوست سروسز جي فراهمي جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام خيبرپختونخوا جي ڊي جي حيدر مرتضيٰ طرفان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخوا جي 34 ضلعن ۽ 64 تعلقن ۾ اسان جون آفيسون موجود آهن. بينظير ڪفالت پروگرام تحت خيبرپختونخوا ۾ 19 لک 87 هزار 47 ماڻهن کي مالي امداد ڏني پئي وڃي. بينظير تعليمي وظيفا پروگرام مان 30 لک 58 هزار 263 کان وڌيڪ ٻارن جي اسڪولن ۾ داخلا يقيني بڻائي وئي، بينظير نشو نما پروگرام ذريعي ماءُ ۽ ٻار جي غذائي ضرورتن تي خاص ڌيان ڏنو ويو. وفاقي وزير بي آءِ ايس پي خيبرپختونخوا جي محنت ۽ چاهت کي ساراهيو ۽ سماجي تحفظ جي ميدان ۾ ان جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه جو چوڻ هو ته عوام کي غربت کان بچائڻ لاءِ اسان جي حڪومت جا ڀرپور قدم جاري آهن، ان مقصد لاءِ بجيٽ ۾ 7 سئو ارب روپيا رکيا آهن جيڪي انهن جي ڀلائي ۽ ترقي تي خرچ ٿيندا. هن چيو ته وفاقي حڪومت غربت جي خاتمي لاءِ سنجيده آهي، اڄ مون سڄي ملڪ جي دوري جي شروعات پشاور کان ڪئي آهي، منهنجي دورن جو مقصد ڏکويل انسانيت جي خدمت ڪرڻ آهي، هن چيو ته اسان کي صحيح معنيٰ ۾ ملڪ جي خدمت ڪرڻي آهي ۽ ڪرپشن کي روڪڻو آهي. هن چيو ته پٺتي پيل ضلعن ۾ درپيش مشڪلاتن کي حل ڪنداسين. خيبرپختونخوا ۾ جتي جتي ٻوڏ آئي آهي اتي جي متاثرن جي مدد ڪنداسين. هاڻي اسان اڳئين مرحلي ۾ بلوچستان جو دورو ڪنداسين، هن چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته غربت جو خاتمو ڪري سگهون، اسان پنهنجي ٻارن کي هنرمند پروگرام تحت هنر سيکاري رهيا آهيون ته جيئن هو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن.

مزید خبریں