اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ۽ چين جي شيڊونگ زين گروپ وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحين کانپوءِ پاڪستاني شپنگ سيڪٽر هڪ وڏي تبديلي لاءِ تيار آهي. وفاقي وزير اهڙو اظهار پي اين ايس سي جي سي اي او ۽ شيڊونگ گروپ ڪارپوريشن جي چيئرمين وچ ۾ ايم او يو …
پاڪستاني شپنگ سيڪٽر وڏي تبديلي لاءِ تيار آهي: وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ۽ چين جي شيڊونگ زين گروپ وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحين کانپوءِ پاڪستاني شپنگ سيڪٽر هڪ وڏي تبديلي لاءِ تيار آهي. وفاقي وزير اهڙو اظهار پي اين ايس سي جي سي اي او ۽ شيڊونگ گروپ ڪارپوريشن جي چيئرمين وچ ۾ ايم او يو تي صحيح جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ان ايم او يو تي صحيح پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ميري ٽائيم ڊومين ۾ وڌندڙ حصيداري جي نشاني آهي جنهن سان پاڪستان جي شپنگ انڊسٽري ۾ مستقبل ۾ تعاون، سيڙپڪاري ۽ ترقي جي راهه هموار ٿيندي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هي تعاون علائقائي واپار کي هٿي ڏيندو، رابطن ۾ اضافو ڪندو ۽ گڏيل تعاون ۽ گڏيل اقتصادي هدفن ذريعي عالمي سامونڊي صنعت ۾ پاڪستان جي ڪردار کي مضبوط ڪندو. وفاقي وزير چيوته هي ايم او يو ٻنهي ادارن وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ تعاون جو هڪ فريم ورڪ قائم ڪري ٿو جنهن جو مقصد واپاري فائدا حاصل ڪرڻ ۽ پاڪستان جي سامونڊي شعبي ۾ سيڙپڪاري لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪرڻ آهي.











