اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مستونگ ضلعي ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي کي ساراهيندي چيو آهي ته ميجر زياد شهيد ۽ سپاهي ناظم شهيد پنهنجي جانين جي پرواهه نه ڪندي دهشتگردن آڏو شيهي جي ديوار وانگر بيٺل رهيا، پوري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب فتنه الهندستان …
وزيراعظم پاران مستونگ ضلعي ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي جي واکاڻ

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مستونگ ضلعي ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي کي ساراهيندي چيو آهي ته ميجر زياد شهيد ۽ سپاهي ناظم شهيد پنهنجي جانين جي پرواهه نه ڪندي دهشتگردن آڏو شيهي جي ديوار وانگر بيٺل رهيا، پوري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب فتنه الهندستان جي ٽن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪامياب آپريشن دوران دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي ميجر زياد سليم اول ۽ سپاهي ناظم حسين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ميجر زياد شهيد ۽ سپاهي ناظم شهيد پنهنجي جانين جي پرواهه نه ڪندي دهشتگردن آڏو شيهي جي ديوار وانگر بيٺل رهيا، پوري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جون قربانيون لازوال آهن، ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون.











