تعليمي نظام ۾ جدت آڻڻ ۽ نوجوانن کي پيشيواراڻي صلاحيتن سان ليس ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ تعليم کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته تعليمي نظام ۾ جدت آڻڻ ۽ نوجوانن کي پيشيواراڻي صلاحيتن سان ليس ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنٽانا ايجوڪيشن (Cintana Education) جي باني ۽ چيئرمين ڊگ …

اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ تعليم کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته تعليمي نظام ۾ جدت آڻڻ ۽ نوجوانن کي پيشيواراڻي صلاحيتن سان ليس ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنٽانا ايجوڪيشن (Cintana Education) جي باني ۽ چيئرمين ڊگ بيڪر جي قيادت ۾ ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ تعليم کي عالمي معيار موجب آڻڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال لازمي آهي. هن چيو ته تعليمي نظام ۾ جدت آڻڻ ۽ ملڪ جي نوجوانن کي پيشيواراڻي صلاحيتن سان ليس ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، تعليم جي شعبي ۾ سموريون حڪومتي پاليسيون نوجوانن کي پيشيواراڻي صلاحيتن جي بنياد تي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ تي مرڪوز آهن. وزيراعظم ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽي جي تعاون سان نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي تعمير کي انتهائي اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو ته ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽي جي تعاون سان تعمير ٿيل نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ پاڪستاني نوجوانن کي عالمي سطح تي چٽاڀيٽي بنياد تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تربيت ڏني ويندي. هن چيو ته نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيوٽيڪ) ۾ گذريل هڪ سال ۾ حڪومت ڪيترائي سڌارا ڪيا آهن ۽ ان کي وڌيڪ موثر ۽ ڪارائتو بڻايو ويو آهي. هن پيشيواراڻي تربيت جي شعبي ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ نيوٽيڪ کي ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽي سان تعاون جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽي جي تعاون سان پاڪستان ۾ تعمير ٿيل نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي آپريشنلائيزيشن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي سنٽانا ايجوڪيشن جي باني ڊگ بيڪر ٻڌايو ته ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽي پاڪستان ۾ تعليم جي شعبي ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ وسيلا ۽ سهولتون فراهم ڪندي. ملاقات جي پڄاڻي تي وزيراعظم هلندڙ سال فعال ٿيندڙ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي يادگاري تختيءَ جي نقاب ڪشائي ڪئي. اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، تعليم وارو وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ عملدار پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.

مزید خبریں