اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) انڊونيشيا جي عوامي سفارتڪاري بابت قونصلر وزير رحمت هدايارتا قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافت، سياحت ۽ تارخي ورثي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ ۾ مضبوط، تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي ساراهيندي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ٻڌمت جي …
پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ ۾ ثقافتي ورثي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) انڊونيشيا جي عوامي سفارتڪاري بابت قونصلر وزير رحمت هدايارتا قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافت، سياحت ۽ تارخي ورثي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ ۾ مضبوط، تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي ساراهيندي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ٻڌمت جي آثار قديمه جي تحفظ ۽ هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏني ويندي. انڊونيشيا جي سفارتڪار ملاقات دوران شهربالي جو تعارف ڪرايو جيڪو پنهنجي پراڻي قديمي تهذيب، خاص طور تي ٻڌمت جي مندرن ۽ مجسمن لاءِ مشهور آهي. هن پنجاب ۽ سنڌ جي دورن جو ذڪر ڪندي پاڪستاني عوام جي مهمانوازي ۽ محبت کي ساراهيو ۽ چيو ته هن صوفي مزارن جو به دورو ڪيو جتي انسانيت، محبت ۽ رواداري جو پيغام نمايان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن ملتان جي انبن جي خوشبوءَ ۽ ذائقي کي دنيا ۾ بي مثال قرار ڏنو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن اقتصادي ۽ ثقافتي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون جي تجويز ڏني ته ايندڙ نسل ان مان فائدو کڻي سگهن. وفاقي وزير اورنگزيب کچي چيو ته پاڪستان انڊونيشيا کي هڪ وڏي برادر اسلامي ملڪ جي حيثيت سان ڏسي ٿو ۽ 1965ع جي جنگ ۾ انڊونيشيا جي حمايت کي هميشه ياد رکي ٿو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ قديم لاڳاپن جو ذڪر ڪندي انڊونيشيا جي سفارتڪار کي ٽيڪسلا، تخت ڀائي ۽ شاهه الله دته جي ٻڌمت ورثي جي ماڳن جي دوري جي دعوت ڏني. وفاقي وزير ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ هڪ ٻڌمت مرڪز قائم ڪيو پيو وڃي جتي سڄي دنيا مان آيل سياحن ۽ محققن کي پاڪستان ۾ ٻڌمت ورثي جي جهلڪ ڏيکاري ويندي. هن ويزا پاليسي ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي حڪومتي قدم جو ذڪر ڪندي چيو ته پرڏيهي سياحن، خاص ڪري ٻڌمت زائرين لاءِ سموريون امڪاني سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن ٻڌايو ته پاڪستان دنيا جي اٽڪل 90 ملڪن سان ثقافتي مفاهمتي يادداشتون (ايم او يوز) طئي ڪيون آهن ۽ انڊونيشيا سان به نئين يادداشتن جي مسودي تي ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جيئن ثقافتي مٽاسٽا ۽ ورثي جي تحفظ کي هٿي ڏئي سگهجي. وفاقي وزير انڊونشيا کي نومبر ۾ ٿيندڙ لوڪ ورثي ميلي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ۽ چيو ته هي عوامي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جو بهترين موقعو هوندو. هن پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس (پي اين سي اي) کي انڊونيشيا جي فنڪارن لاءِ مفت پليٽ فارم طور پيش ڪيو. ٻنهي ڌرين سياحتي تعاون، تاريخي تصويري رڪارڊ جمع ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل وراثت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو. وزير نيشنل لائبريري آف پاڪستان ۾ انڊونيشيا جو ڪارنر قائم ڪرڻ تي انڊونيشيا جي سفارتخاني کي ساراهيو. وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو ته پاڪستان ۾ سمورين اقليتن کي برابر جا حق حاصل آهن ۽ حڪومت سمورن مذهبن جي ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ کي درپيش چئلينجن مان ڪڍڻ ۽ ترقي ۽ خوشحالي طرف وٺي وڃڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي. ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي اڳواڻن هڪٻئي کي ثقافت ڪتاب ۽ روايتي تحفا پيش ڪيا. ان موقعي تي نيفٽي اسفيئر انسٽيٽيوٽ آف آرٽس اينڊ ڊزائين جو سي اي او عثمان شاهه به موجود هو.











