اسلام آباد - 24 (اي پي پي) گھر معاملن جي وفاقي وزير ۽ پي سي بي چئيرمين محسن نقوي سان بنگلاديش جي راندين، نوجوانن جي معاملن، ۽ ٻھراڙي جي ترقي واري وزير آصف محمود ملاقات ڪئي، جنھن ۾ ٻنھي ملڪن وچ ۾ راندين خاص طور ڪرڪيٽ کي ھٿي ڏيڻ ۽ امپائرز ڊولپمينٽ پروگرامن لاءِ سھڪار تي اتفاق ڪيو ويو. گھرو وزارت طرفان جاري بيان مطابق محسن نقوي بنگلاديش جي ايمپائرز …
وفاقي گھر وزير سان بنگلاديش جي راندين واري وزير جي ملاقات، ڪرڪيٽ کي ھٿي وٺرائڻ ۽ امپائرز ڊولپمينٽ پروگرامن لاءِ سھڪار تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 (اي پي پي) گھر معاملن جي وفاقي وزير ۽ پي سي بي چئيرمين محسن نقوي سان بنگلاديش جي راندين، نوجوانن جي معاملن، ۽ ٻھراڙي جي ترقي واري وزير آصف محمود ملاقات ڪئي، جنھن ۾ ٻنھي ملڪن وچ ۾ راندين خاص طور ڪرڪيٽ کي ھٿي ڏيڻ ۽ امپائرز ڊولپمينٽ پروگرامن لاءِ سھڪار تي اتفاق ڪيو ويو. گھرو وزارت طرفان جاري بيان مطابق محسن نقوي بنگلاديش جي ايمپائرز کي پاڪستان ۾ تربيت ڏيڻ جي دعوت ڏني، وومينز ڪرڪيٽ ڊولپمينٽ پروگرامن لاءِ شراڪتداري وڌائڻ تي به ڳالھه ٻولھه ٿي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته راندين کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ پي سي بي ۽ بي سي بي ۾ باقاعدا معاھدا ڪيا ويندا. ملاقات ۾ نوجوانن جي اسڪلز ڊولپمينٽ ۽ روزگار سان لاڳاپيل گڏيل قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. اعليٰ تعليم، اسڪالرشپ پروگرامن ۽ تعليمي ميدان ۾ ھڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ تي به ڳالھيون ڪيون ويون. ملاقات دوران سولر انرجي ۾ جدت ۽ گڏيل سھڪار وڌائڻ جي حوالي سان به ڳالھيون ڪيون ويون، گھرو وزير محسن نقوي سڃاڻپ دستاويزن کي فول پروف بڻائڻ خاص طور نادرا جي محفوظ سيڪيورٽي نظام بابت ٻڌايو جنھن تي بنگلاديش جي وزير آصف محمود نادرا جي نظام ۾ گھري دلچسپي جو اظھار ڪيو. محسن نقوي بنگلاديش جي وفد کي نادرا جي دوري جي دعوت ڏني. بنگلاديش جو اعليٰ سطح جو وفد جلد پاڪستان ايندو ۽ نادرا جو دورو ڪندو. وفاقي گھرو وزير محسن نقوي چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وڌيڪ آبادي نوجوانن تي ٻڌل آھي، راندين جي سرگرمين کي ھٿي ڏيڻ سان يوٿ ڊولپمينٽ جا موقعا پيدا ڪري سگھجن ٿا. اھا ملاقات بنگلاديش ۽ پاڪستان وچ ۾ گھڻ رخي لاڳاپن خاص طور نوجوانن، راندين، تعليم ۽ تجديد جوڳي توانائي جي شعبن ۾ سھڪار کي نئين بلندين تائين کڻي وڃڻ جي اميد کي سگھه ڏئي ٿي. ان موقعي تي بنگلاديش جي راندين واري وزارت ۽ نوجوانن جي معالمن بابت سيڪريٽري محبوب العالم، مقامي حڪومت جي سيڪريٽري رضاالمقصود، پاڪستان ھاءِ ڪميشن جي معاملن بابت ناظم محمد واصف، ڪرڪيٽ جي ھيڊ ڪوچ مائيڪ ھيسن، مينيجر نويد اڪرم چيمه ۽ اعليٰ آفيسر به ان موقعي تي موجود ھئا.











