وزيراعظم پاران سول سروسز کي موجوده گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي حوالي سان سفارشون جوڙڻ لاءِ ڪميٽي قائم، هڪ مهيني ۾ سفارشون ڏيڻ جي هدايت

اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سول سروسز کي موجوده گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ، سول سروسز اسٽرڪچر جي بهتري ۽ ان کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي حوالي سان سفارشون جوڙڻ جي لاءِ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪندي ڪميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته ڪميٽي هڪ مهيني ۾ تفصيلي مشاورت کانپوءِ سڌارن تي ٻڌل …

اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سول سروسز کي موجوده گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ، سول سروسز اسٽرڪچر جي بهتري ۽ ان کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي حوالي سان سفارشون جوڙڻ جي لاءِ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪندي ڪميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته ڪميٽي هڪ مهيني ۾ تفصيلي مشاورت کانپوءِ سڌارن تي ٻڌل جامع سفارشون پيش ڪري. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ سول سروسز جي سڌارن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، اعظم نذير تارڙ، احد خان چيما، سردار اويس احمد خان لغاري، علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص مددگارن هارون اختر، طارق باجوه، ڊاڪٽر جهانزيب خان، ايپڪس ڪميٽي جي سيڪريٽري، ايس آءِ ايف سي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم سول سروسز ۾ سڌارن جي حوالي سان قائم ڪيل ڪميٽي کي ميرٽ تي بهترين ٽيلينٽ جي ڀرتي، ترقي جي لاءِ مخصوص هدفن تي ٻڌل ڪي پي آئيز، اي سي آر نظام جي بهتري ۽ موثر متبادل جي حوالي سان سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن جديد ٽيڪنالاجي ۽ جديد نظام کي نظر ۾ رکندي آفيسرن جي صلاحيت کي وڌائڻ جي لاءِ حڪمت عملي کي پڻ سفارشن جو حصو بڻائڻ جو حڪم ڏنو. هن هدايت ڪئي ته اهڙيون سفارشون جوڙيون وڃن جيڪي پائيدار نظام جو بنياد بڻجن ۽ گورننس جي بهتري ۽ سول سروسز کي موجوده گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جو مستقل نظام قائم ٿئي. وزيراعظم چيو ته سول سروسز ۾ عام ماڻهو جي زندگي کي آسان بڻائڻ ۽ ان جو مددگار بڻائڻ جي لاءِ سڌارا حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اجلاس کي سول سروسز سڌارن جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته سول سروسز ۾ ڀرتي، سکيا، ڪارڪردگي جي جائزي، پگهارن جي بهتري ۽ ترقي جي حوالي سان مشاورت کانپوءِ تجويزون جوڙيون پيون وڃن. اجلاس دوران خطي جي ٻين ملڪن ۾ سول سروسز جي سڌارن جو پاڪستان سان تقابلي جائزو پڻ پيش ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گورننس جي بهتري، عام شهري جي زندگي کي بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ بهترين ٽيلنٽ جي ميرٽ تي ڀرتين کي سول سروسز سڌارن جو محور رکندي سفارشن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. وزيراعظم قائم ڪيل ڪميٽي کي هڪ مهيني ۾ سمورين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ جامع سفارشن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي.

مزید خبریں