اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي بئنڪ پاران سنڌ طاس معاهدي تي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن جي خلاف پاڪستان جي جائز موقف جي اصولي حمايت کي ساراهيندي عالمي قانون جي پاسداري ۽ علائقائي امن کي برقرار رکڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو آهي ۽ سمورن مسئلن کي ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو …
وزيراعظم پاران عالمي بئنڪ جي سنڌ طاس معاهدي تي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن جي خلاف پاڪستان جي جائز موقف جي اصولي حمايت جي ساراهه

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي بئنڪ پاران سنڌ طاس معاهدي تي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن جي خلاف پاڪستان جي جائز موقف جي اصولي حمايت کي ساراهيندي عالمي قانون جي پاسداري ۽ علائقائي امن کي برقرار رکڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو آهي ۽ سمورن مسئلن کي ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عالمي بئنڪ جي وچ اوڀر، اتر آفريقا، افغانستان ۽ پاڪستان (ميناپ) جي ريجنل نائب صدر عثمان ڊيون ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان سان ڊگهي حصيداري تي خاص طور تي عالمي بئنڪ جي صدر اجي بنگا ۽ پاڪستان جي لاءِ عالمي بئنڪ جي اڳوڻي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن جا پاڪستان جي لاءِ نئين ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ (سي پي ايف) کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي دل جي گهرائين سان ٿورا ادا ڪيا. وزيراعظم پاڪستان جي ترقي، ترجيحن خاص طور تي توانائي، انساني وسيلن، ماحولياتي تبديلي ۽ گورننس جي شعبي ۾ سڌارن جي لاءِ سي پي ايف جي اسٽريٽجڪ ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم سنڌ طاس معاهدي جهڙن اهم عالمي معاهدن کي نقصان پهچائڻ جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن جي روشني ۾ پاڪستان جي جائز موقف تي عالمي بئنڪ جي اصولي حمايت کي ساراهيو. هن عالمي قانونن جي پاسداري، خوشحالي حاصل ڪرڻ ۽ علائقائي امن کي برقرار رکڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن سمورن مسئلن کي ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو به اظهار ڪيو. وزيراعظم 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران عالمي بئنڪ جي وقت سر ۽ فراخدلاڻي مدد تي ٿورا مڃيا. جنهن پاڪستان کي فوري امدادي سرگرمين ۽ نئين سر تعمير ۽ بحالي جا قدم شروع ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. عثمان ڊيون پاڪستان جي دوري دوران گرمجوش مهمان نوازي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان جي پراڻي حصيداري ۽ معيشت جي اهم شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عالمي بئنڪ جي عزم جو به ورجاءُ ڪيو. ڊيون پاڪستان جي جاري ميڪرو اڪنامڪ بحالي کي ساراهيندي ملڪ کي مالياتي استحڪام ۽ پائيدار ترقي طرف وٺي وڃڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي حڪومت کي ساراهيو. هن موجوده حڪومت جي انتظامي سڌارن جي ايجنڊا کي پڻ خاص طور تي ساراهيو. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي مضبوط قيادت کي اداراجاتي سڌارا اڳتي وڌائڻ، سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪرڻ ۽ جامع اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اهم قرار ڏنو. ملاقات ۾ پاڪستان حڪومت ۽ عالمي بئنڪ پاران ڊگهي مدي واري ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۽ پاڪستان جي عوام جي خوشحال مستقبل جي تعمير جي لاءِ ايندڙ سالن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو ويو.











