اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ڪالهه خميس ڏينهن جاري بيان موجب ٻطرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. …
صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان ۾ چين جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ڪالهه خميس ڏينهن جاري بيان موجب ٻطرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، معيشت، ثقافت ۽ علائقائي رابطن جي فروغ جا وسيع موقعا موجود آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته خطي ۾ امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. صدر چيو ته پاڪستاني عوام پنهنجي مضبوط ڀاءُ چين جي مستقل حمايت تي ٿورائتي آهي. صدر چيو ته چين پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي چيني سفير صدر جي ايندڙ سالگرهه تي صدر شي جن پنگ پاران سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو خصوصي پيغام پهچايو.











