اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن جي خلاف ثبوت موجود هئا، سي سي ٽي وي فوٽيجز موجود هيون، اها خبر هئي ته انهن واقعن ۾ ڪير ملوث هو، 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جو باني چيئرمين پنهنجي حق ۾ ڪي به ثبوت پيش نه ڪري …
9 مئي جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن جي خلاف ثبوت موجود هئا: عطاءُ الله

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن جي خلاف ثبوت موجود هئا، سي سي ٽي وي فوٽيجز موجود هيون، اها خبر هئي ته انهن واقعن ۾ ڪير ملوث هو، 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جو باني چيئرمين پنهنجي حق ۾ ڪي به ثبوت پيش نه ڪري سگهيو. اها ڳالهه هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ وارا چون ٿا ته اسان اسلامي رياست جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته اسان کي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا ٿي وئي. هن چيو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس جو جواب نه مذهبي نه ئي رياست مدينه آهي، توهان قوم کي ٻڌايو ته توهان بزنس ٽائيڪون جا اربين رپيا ڪهڙي طرح استعمال ڪيا؟ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين جي ٻارن جو حق آهي ته اهي مهم هلائين، اهي جتي وڃي رهيا آهن اتان جي ماڻهن کي ٻڌائين ته اسان جي پيءُ کي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا ٿي آهي، 190 ملين پائونڊ ڪيس جي فيڪٽ شيٽس گڏ کڻي وڃن ۽ جنهن سان به ملن ٿا ته اهو ٻڌائين ته اهو ڪرپشن ڪيس آهي سياسي ناهي. هن چيو ته اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته 190 ملين پائونڊ ڪيس سياسي ڪيس آهي.











