اسلام آباد – 23 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سڄي ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ريسڪيو آپريشنز کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته جيڪي مسافر رستا بند هجڻ جي ڪري ڦاٿل آهن، انهن کي رهائش، خوراڪ سميت هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لينڊ سلائيڊنگ جي …
وزيراعظم پاران سڄي ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ريسڪيو آپريشنز کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ تيز ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سڄي ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ريسڪيو آپريشنز کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته جيڪي مسافر رستا بند هجڻ جي ڪري ڦاٿل آهن، انهن کي رهائش، خوراڪ سميت هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري بند رستن خاص طور تي شاهراهه قراقرم ۽ ناران – بابوسر – چلاس رستي تي بحالي جو ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جيڪي مسافر رستا بند هجڻ جي ڪري ڦاٿل آهن انهن کي رهائش، خوراڪ سميت هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ وبائي مرضن جي روڪٿام جي لاءِ قدم انتهائي ضروري آهن. وزيراعظم چيو ته چوماسي جي ايندڙ اسپيلز جي لاءِ اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم ايز، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جا ادارا گڏجي حڪمت عملي ٺاهين، شهري ٻوڏ کان بچاءُ جي لاءِ ميونسپل ادارا پاڻي جي نيڪالي ۽ سيوريج جا بهترين قدم کڻن. وزيراعظم ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم حادثن ۽ ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.











