وزيراعظم جي خاص مددگار راڻا احسان افضل خان سان پاڪستان ۾ مصر جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد -23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي واپار بابت خاص مددگار  راڻا احسان افضل خان سان پاڪستان ۾ مصر جي سفير ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد حسن ملاقات ڪئي. واپار واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ ٻه طرفي واپار کي وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي مصر جي سفير چيو ته پاڪستان ۽ مصر اجتماعي طور عالمي مسلم آبادي جي نمايان …

اسلام آباد -23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي واپار بابت خاص مددگار  راڻا احسان افضل خان سان پاڪستان ۾ مصر جي سفير ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد حسن ملاقات ڪئي. واپار واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ ٻه طرفي واپار کي وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي مصر جي سفير چيو ته پاڪستان ۽ مصر اجتماعي طور عالمي مسلم آبادي جي نمايان حصي جي نمائندگي ڪرڻ باوجود موجوده واپاري ڳاڻيٽو گهٽ رکن ٿا.  هن واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ ٻڌايو ته هو پاڪستان ۾ مختلف چيمبرز آف ڪامرس جي چيئرمينن سان اڳ ئي ملاقات ڪري چڪو آهي ته جيئن واپار ۾ اضافي لاءِ نوان رستا ڳولهي سگهجن. سفير پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ هموار واپاري لاڳاپن کي آسان بڻائڻ لاءِ ترجيحي واپاري معاهدي جي قيام جي تجويز پيش ڪئي. تعاون کي اداره جاتي صورت ڏيڻ لاءِ سفير فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ان جي مصر جي هم منصب وچ ۾ مفاهمت جي هڪ يادداشت تي صحيحيون ڪرڻ سان گڏوگڏ مصر پاڪستان بزنس ڪائونسل جي قيام جي سفارش ڪئي جيڪو  مصالحه، دواسازي،  فوڊ پراڊڪٽس ۽ سرجيڪل مصنوعات  سميت ٻين شعبن تي ڌيان ڏئي. وزيراعظم جي خاص مددگار  خاطري ڪرائي ته واپار واري وزارت انهن قدمن لاءِ مڪمل سهڪار فراهم ڪندي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري رابطن کي وڌائڻ لاءِ قدمن ۾ سهولت فراهم ڪندي. هن مصر سان گڏ مضبوط واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ واپار واري وزارت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ روانگي واپار ڪندڙن ۽ سيڙپڪارن لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي عزم تي زور ڀريو.

مزید خبریں