اقتصادي معاملن بابت وفاقي وزير سان عالمي بئنڪ جي نائب صدر جي ملاقات

اسلام آباد -23 جولاءِ (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي وفاقي وزير احد خان چيمه چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت  آهستي آهستي اقتصادي عدم استحڪام کان ٻاهر اچي رهي آهي، جنهن جي عڪاسي مهانگائي ۾ گهٽتائي، مٽاسٽا واري ناڻي جي ذخيرن م بهتري ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي سان ٿئي ٿي. وفاقي وزير عالمي بئنڪ جي وچ اوڀر، اتر آفريقا، افغانستان ۽ پاڪستان ريجن جي  نائب …

اسلام آباد -23 جولاءِ (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي وفاقي وزير احد خان چيمه چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت  آهستي آهستي اقتصادي عدم استحڪام کان ٻاهر اچي رهي آهي، جنهن جي عڪاسي مهانگائي ۾ گهٽتائي، مٽاسٽا واري ناڻي جي ذخيرن م بهتري ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي سان ٿئي ٿي. وفاقي وزير عالمي بئنڪ جي وچ اوڀر، اتر آفريقا، افغانستان ۽ پاڪستان ريجن جي  نائب صدر سان پنهنجي پهرين سرڪاري دوري جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن ۽ سال 2026ع کان 2035ع جي عرصي لاءِ نئين جوڙجڪ ڏني وئي. ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت عالمي بئنڪ جي حڪمت عملي تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي وزير عالمي بئنڪ جي تازي نئين سر تنظيم سازي جي انتظامن  جي آجيان ڪئي جنهن تحت پهرين جولاءِ 2025ع کان پاڪستان کي باضابطا طور  تي ايم اي اين اي اي پي ريجن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهي قدم ٻين عالمي مالياتي ادارن جهڙوڪ آءِ ايم ايف ۽ آءِ ايف سي جي علائقائي فريم ورڪس سان هم آهنگ آهن ۽ ان سان تعاون ۽ رد عمل جي رفتار ۾ بهتري ايندي. وفاقي وزير ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت عالمي بئنڪ جي 20 ارب ڊالرن جي تمام وڏي مالي وابستگي جي تعريف ڪندي پاڪستان حڪومت پاران ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي ته هو ان فريم ورڪ جي اثرائتي نموني لاڳو ڪرڻ لاءِ عالمي بئنڪ جي ٽيم سان گڏجي ويجهي شراڪتداري جاري  رکي ويندي. هن عالمي بئنڪ جي قيادت صدر، مئنيجنگ ڊائريڪٽر آف آپريشنز سميت پاڪستان ڪنٽري آفيس جو ٿورو به ادا ڪيو، خاص ڪري ڪووڊ-19 جي وبا ۽ 2022ع جي تباهي واري ٻوڏ دوران فراهم ڪيل مالي ۽ فني مدد جي تعريف ڪئي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عالمي بئنڪ پاڪستان جو سڀ کان وڏو ترقياتي شراڪتدار آهي ۽ ان حڪومت جي ترقياتي هدفن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان هاڻي اقتصادي عدم استحڪام جي مرحلي مان آهستي آهستي نڪري رهيو آهي جنهن جي عڪاسي مهانگائي ۾ گهٽتائي، مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ بهتري ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي سان ٿئي ٿي، جڏهن ته ان هاڪاري علامتن کي پائيدار ۽ جامع ترقي ۾ بدلائڻ لاءِ ترقياتي شراڪتدارن جي مسلسل مدد اڻٽر آهي. عثمان ديون پاڪستان حڪومت جي ميزباني تي ٿورو ادا ڪندي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ سڌارن کي اڳيان وڌائڻ ۾ اڳڀرائي جي تعريف ڪئي.  هن پاڪستان جا ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ ۾ عالمي بئنڪ جي مسلسل مدد جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ پاڪستان ۽ عالمي بئنڪ وچ ۾ ڊگهي عرصي واري حڪمت عملي تي ٻڌل شراڪتداري آهي، جيڪا ملڪ کي موسمياتي تبديلي، انساني وسيلن جي ترقي، اداره جاتي سگهه ۾ بهتري، صاف توانائي ۽ شراڪتي ترقي لاءِ وسيلن جي اثرائتي استعمال جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڏيندي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته عالمي بئنڪ پاڪستان جي قيادت سان ويجهي رابطي ۾ ڪم جاري رکندي ته جيئن زمين تي حقيقي ۽ هاڪاري نتيجا حاصل ڪري سگهجن. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته اها شراڪتداري پاڪستاني عوام جي زندگين ۾  نمايان بهتري جو سبب بڻجندي. ٻنهي طرفان پاڪستان ۽ عالمي بئنڪ وچ ۾ هڪ مضبوط ۽ مستقبل جي ترقياتي شراڪتداري لاءِ گڏيل عزم جو ورجاءُ  ڪيو ويو. وفاقي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته عثمان ديون جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ عالمي بئنڪ وچ ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط ٿيندو ۽ مختلف ترقياتي شعبن ۾ اثرائتي اڳڀرائي کي يقيني بڻائي سگهبو.

مزید خبریں