9 مئي جا واقعا فالس فليگ نه پر پي ٽي آءِ اڳواڻن جي اعمالن جو نتيجو آهن: گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير طلال چوڌري

اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته 9 مئي جي واقعن مان لاهور سرور روڊ ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ ملوث 6 ماڻهن کي ٺوس ثبوتن ۽ حقيقتن جي بنياد تي سزائون ٿيون ۽ 8 کي بري ڪيو ويو، 9 مئي جا واقعا فالس فليگ نه پر پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ورڪرن جي اعمالن جو نتيجو آهن، جيوفينسنگ ۽ ٻين ٺوس …

اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته 9 مئي جي واقعن مان لاهور سرور روڊ ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ ملوث 6 ماڻهن کي ٺوس ثبوتن ۽ حقيقتن جي بنياد تي سزائون ٿيون ۽ 8 کي بري ڪيو ويو، 9 مئي جا واقعا فالس فليگ نه پر پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ورڪرن جي اعمالن جو نتيجو آهن، جيوفينسنگ ۽ ٻين ٺوس ثبوتن جي بنيادن تي جاچ کانپوءِ سزائون ٻڌايون ويون آهن، 9 مئي جي باقي ڪيسن جو فيصلو پڻ جلد ٿيندو. مملڪتي وزير طلال چوڌري 9 مئي جي ڪيسن ۾ عدالتي فيصلو اچڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جي تنقيدي بيانن تي پنهنجي رد عمل ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 9 مئي جي جوابدارن کي ثبوتن جي بنيادن تي سزائون ٿيون آهن، انهن واقعن ۾ 82 پوليس اهلڪارن کي تشدد ڪري زخمي ڪيو ويو، لاهور سرور روڊ تي ڀڃ ڊاهه ۾ سرڪاري ملڪيتن کي باهيون ڏنيون ويون. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي مشتعل هجوم سوشل ميڊيا تي پاڻ وڊيوز رکيون، وڊيوز جي بنياد تي حملي آورن جي سڃاڻپ ڪئي وئي، اهي سمورا ماڻهو سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجي اڳواڻن سان رابطي ۾ هئا. هن چيو ته 9 مئي تي لاهور ۾ 14 واقعا ٿيا، جناح هائوس سميت ٻين واقعن ۾ ملڪيتن کي باهيون ڏنيون ويون، جناح هائوس ساڙڻ تي ڪاميابي واريون تقريرون ڪيون ويون، سرور روڊ تي سرڪاري گاڏين کي باهيون ڏنيون ويون، انهن واقعن کي پاڪستان جي تاريخ ۾ انتهائي افسسوسناڪ ۽ شرمناڪ واقعن طور سڃاتو وڃي ٿو. هن چيو ته ان ڏينهن هڪ سياسي پارٽي پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ اهڙو ڏڦيڙ ۽ بغاوت ڪئي جنهن جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي، ڪجهه حقيقتون قوم جي آڏو رکان ٿو، هاڻي گوڙ ڪيو پيو وڃي ته اها ناانصافي ٿي آهي، اهي سزائون سياسي بنيادن تي ڏنيون ويون آهن جيڪي غلط آهن، حقيقتون ڪجهه ٻيون آهن، قوم سڀ ڄاڻي ٿي پر يادگيري ضروري آهي. طلال چوڌري چيو ته 9 مئي تي لاهور ۾ 14 هنڌن تي واقعا ٿيا جنهن ۾ جناح هائوس کي ساڙيو ويو، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي ساڙيو ويو جنهن ۾ 82 پوليس اهلڪار شديد زخمي ٿيا، انهن ۾ هڪ ڊي آءِ جي به شامل هو جنهن جي هڪ اک ضايع ٿي ۽ ڪيترائي اهلڪار هميشه لاءِ معذور ٿي ويا. ه چيو ته 14 هنڌن تي جيڪي واقعا ٿيا انهن مان هڪ ڪيس سرور روڊ تي ڀڃ ڊاهه جو آهي جنهن ۾ سرڪاري گاڏين کي ساڙيو ويو، ان ۾ 14 جوابدار نامزد هئا جن مان 6 جوابدارن کي جاچ کانپوءِ سزا ٻڌائي وئي آهي ۽ سزا لاءِ جيڪي ثبوت گهربل هئا اهي جيڪڏهن موجود نه هجن ها ته ڪڏهن به سزا نه ٿئي ها جهڙي طرح 8 ماڻهو بري پڻ ٿيا آهن. هن چيو ته ڪجهه حقيقتون اوهان جي آڏو رکڻ چاهيان ٿو ته لاهور ۾ 9 مئي تي جن هنڌن تي پي ٽي آءِ جا ماڻهو قيادت جي چوڻ تي پنهنجي مقامي قيادت جي رهنمائي ۾ گڏ ٿيا انهن ۾ عثمان پارڪ، زمان پارڪ، ڌرم پوره، مغل پوره ۽ لبرٽي چوڪ شامل هئا، هتان کان اڳتي سڀني جو رخ هڪڙو هو، اهي سڀ جناح هائوس پهتا، سڀئي هڪ ئي وقت گڏ ٿيا، سندن قيادت انهن سان رابطي ۾ هئي جنهن جا ثبوت انهن جا پنهنجا سوشل ميڊيا اڪائونٽس آهن، فيس بڪ، انسٽاگرام، ٽوئيٽر تي هنن پاڻ وڊيوز رکيون، اڳواڻن تقريرن ذريعي ماڻهن کي ڏڦيڙ لاءِ ڀڙڪائي رهيا هئا. هن چيو ته وڊيوز، تقريرن، تصويرن جي فرانزڪ ڪرائي وئي، نادرا ۽ سيف سٽي ڪئميرائن کان رهمائي ورتي وئي، ڪيترن ئي ٽي وي چئنلز جي وڊيوز به ورتيون ويون جنهن کانپوءِ انهن جي سڃاڻپ ڪرائي وئي ۽ جيوفينسنگ ٿي جنهن ۾ اهو ثابت ٿيو ته پنهنجي اڳواڻن سان سوين ماڻهو رابطي ۾ هئا، انهن ماڻهن جي جيڪا ڪميونيڪيشن هئي، ان جو رڪارڊ عدالت آڏو رکيو ويو ۽ انهن سمورن ٺوس ثبوتن جي بنياد تي هي فيصلو آيو، ان کانپوءِ ثابت ٿي ويو ته 9 مئي تي پي ٽي آءِ جي ڪهڙن ماڻهن ڪنهن جي چوڻ تي ڇا ڪجهه نه ڪيو، پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جي گهرن ۽ پي ٽي آءِ جي باني جي گهر مان منصوبابندي ڪئي وئي ۽ پوءِ انهن جي مقامي اڳواڻن کي شامل ڪيو ويو، جن ان جي قيادت ڪئي. هن چيو ته سرڪاري ملڪيتن کي ساڙڻ ۽ انهن تي حملو ڪندڙ ڪير به هجي اهو دهشتگرد آهي، جيڪڏهن ڪو هٿ ۾ پي ٽي آءِ جو جهنڊو کڻي جناح هائوس يا سرڪاري ملڪيتن کي ساڙي ۽ حملو ڪري ته اهو انقلابي نه پر اهو به دهشتگرد آهي، ايتري جاچ کانپوءِ به جيڪڏهن ڪو چوي ته اها سزا نه هجڻ گهرجي ته پوءِ سزا ڪهڙي هجي ها؟ ٻيا ڪهڙا ثبوت گهرجن؟ طلال چوڌري چيو ته جيڪي ماڻهو پي ٽي آءِ باني جا وڪيل آهن اهي ئي 9 مئي جي ڪيسن جي جوابدارن جا وڪيل آهن. هن چيو ته هي فالس فليگ نه آهي هي اوهان جا اعمال آهن، هي ثبوت وڊيوز جي شڪل ۾ اوهان پاڻ سوشل ميڊيا تي رکيا آهن، سوشل ميڊيا تي انهن جي وڊيوز جا اهي سمورا ثبوت موجود آهن. هن چيو ته هي فيصلو گهڻو اڳ ٿيڻ گهرجي ها، جيڪڏهن پهرين ٿئي ها ته 26 نومبر وارو واقعو نه ٿئي ها، جيڪڏهن پهرين ٿئي ها ته سياست ڏڦيڙ ۽ ڏڦيڙ ڪندڙن کان پاڪ ٿي چڪي هجي ها. هن چيو ته مون ڪجهه حقيقتون عوام آڏو رکيون آهن، 9 مئي جا فيصلا حقيقتن ۽ ثبوتن موجب آهن، باقي ڪيسن جا فيصلا پڻ جلد ٿيڻ گهرجن ته جيئن انصاف ٿي سگهي.

مزید خبریں