چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جي ترڪيه ۾ انٽرنيشنل ڊفينس انڊسٽري فيئر ۾ شرڪت

راولپنڊي-23 جولاءِ (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا  ترڪيه جي شهر استنبول ۾ 17 هين انٽرنيشنل ڊفينس انڊسٽري فيئر (IDEF-2025) ۾ شرڪت ڪئي. اها عالمي شهرت يافته نمائش دفاعي شعبي ۾ جديد ترين ٽيڪنالاجي ۽ اڳڀرائي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سڃاتي وڃي ٿي. گذريل ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب نمائش جي موقعي تي جنرل ساحر شمشاد مرزا ترڪيه جي دفاع واري …

راولپنڊي-23 جولاءِ (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا  ترڪيه جي شهر استنبول ۾ 17 هين انٽرنيشنل ڊفينس انڊسٽري فيئر (IDEF-2025) ۾ شرڪت ڪئي. اها عالمي شهرت يافته نمائش دفاعي شعبي ۾ جديد ترين ٽيڪنالاجي ۽ اڳڀرائي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سڃاتي وڃي ٿي. گذريل ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب نمائش جي موقعي تي جنرل ساحر شمشاد مرزا ترڪيه جي دفاع واري وزير جنرل (ر) يشار گولر، آذربائيجان جي دفاع واري وزير ڪرنل جنرل حسنوف زاڪر اسگر اوغلو، آذربائيجان جي دفاع واري نائب وزير قربانوف آگل سليم اوغلو ۽ ترڪيه جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل متين گوراڪ سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ ٻطرفي عسڪري تعاون بابت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جن ۾ دفاع ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. معززن مستقبل جي جاگرافيائي ۽ اسٽريٽجڪ ماحول ۽ ٽيڪنالاجيڪل ترقي جي روشني ۾ ان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترڪيه ۽ آذربائيجان جي قيادت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مهارت، عملي ڪاميابين ۽ قربانين کي ساراهيو ۽ علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي واکاڻ جوڳو قرار ڏنو.

مزید خبریں