سينيٽ چيئرمين  سيد يوسف رضا گيلاني سان نيپال جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد -23 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته پاڪستان نيپال سان پنهنجن ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جيڪي گڏيل تاريخ، ثقافتي رشتن ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، ٻه طرفه لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي سيد يوسف رضا گيلاني زور ڀريو ته اعليٰ سطحي پارلياماني ۽ سفاتي رابطا ٻنهي ملڪن وچ ۾ …

اسلام آباد -23 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته پاڪستان نيپال سان پنهنجن ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جيڪي گڏيل تاريخ، ثقافتي رشتن ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، ٻه طرفه لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي سيد يوسف رضا گيلاني زور ڀريو ته اعليٰ سطحي پارلياماني ۽ سفاتي رابطا ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار کي گهرو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ اهڙن رابطن جي تسلسل ۾ اضافي جي اشد ضرورت آهي. سينيٽ سيڪريٽري موجب سينيٽ چيئرمين اها ڳالهه نيپال جي پاڪستان ۾ نئين مقرر سفير ريتا ڌيتال سان ملاقات دوران چئي. هن سفير کي سندس مقرري تي دلي مبارڪون ڏنيون ۽ پاڪستان ۾ سندس سفارتي ذميوارين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران سينيٽ چيئرمين ان ڳالهه تي زور ڀريو ته موجوده ٻه طرفه  واپاري ڳاڻيٽو ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجود حقيقي سگهه ۽ خيرسگالي جي عڪاسي نٿو ڪري، ڇاڪاڻ ته مالي سال 25-2024ع ٻه طرفي واپار جو ڳاڻيٽو رڳو 6.47 ملين آمريڪي ڊالر هو. هن دفاعي شعبي ۾ وڌندڙ سهڪار تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان نيپال جي فوج لاءِ 101 تربيتي ويهڪون مفت فراهم ڪيون جن مان 31 تي عملدرآمد ڪيو ويو آيه. تعليمي سهڪار کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ٽيڪنيڪل اسسٽنس پروگرام تحت هر سال نيپال جي شاگردن کي 25 وظيفا فراهم ڪندو آهي ۽ اهو سلسلو آئينده به جاري رهندو. مذهبي سياحت جي شعبي تي روشني وجهندي سينيٽ چيئرمين پاڪستان ۽ نيپال وچ ۾ گڏيل ٻڌمت ورثي جو ذڪر ڪيو. هن ٽيڪسلا  ۽ لمبني جي تاريخي رابطن کي مذهبي سياحت جي عملي موقعن ۾ بدلائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.   سيد يوسف رضا گيلاني نيپال جي شهرين کي پاڪستان ۾ مذهبي سياحت لاءِ دعوت ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ مذهبي سياحت مان اهي فائدو کڻي سگهندا. هن ٻنهي ملڪن کي درپيش ماحولياتي تبديلين جي ناڪاري اثرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ان چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻه طرفه علائقائي ۽ عالمي سطح تي ويجهو سهڪار ۽ حڪمت عملي اختيار ڪرڻ اڻٽر آهي. سينيٽ چيئرمين ڏکڻ ايشيا ۾ علائقائي سهڪار جي موثر پليٽ فارم طور سارڪ کي ٻيهر فعال بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. هن نيپال جي موجوده چيئر ۽ ميزبان طور ڪردار کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته تنظيم جون مڪمل سرگرميون جلد بحال ٿينديون. آخر ۾ سينيٽ چيئرمين سفير لاءِ ڪامياب سفارتي عرصي جي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سفير سينيٽ چيئرمين جو ٿورو مڃيو ۽ سندس خيالن سان مڪمل اتفاق ڪيو.

مزید خبریں