اسلام آباد -23 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سوات ۾ چاليار مدرسي واري واقعي تي اعليٰ اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. گذريل ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان موجب فيصل ڪريم ڪنڊي واقعي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ديني مدرسي جي ٻار تي تشدد ۽ ان جي شهادت کي ناقابل معافي ڏوهه قرار ڏنو آهي. هن چيو ته اهڙن واقعن جا …
سوات ۾ چاليار مدرسه سانحو، گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي اعليٰ اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي

مزید خبریں
اسلام آباد -23 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سوات ۾ چاليار مدرسي واري واقعي تي اعليٰ اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. گذريل ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان موجب فيصل ڪريم ڪنڊي واقعي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ديني مدرسي جي ٻار تي تشدد ۽ ان جي شهادت کي ناقابل معافي ڏوهه قرار ڏنو آهي. هن چيو ته اهڙن واقعن جا مرتڪب ماڻهو اسلام ۽ مدرسن جي تشخص کي تباهه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ديني درسگاهه هجي يا عصري درسگاهه ڪنهن به هنڌ تي ٻارن تي ڪنهن به قسم جي تشدد جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هن ديني مدرسن جي اڪابرن سميت سمورن مڪتب فڪر جي اڳواڻن کان پڻ مطالبو ڪيو آهي، ته هو اهڙن واقعن ۽ انهن پٺيان گندي سوچ رکندڙن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. فيصل ڪريم ڪنڊي چاليار مدرسي جي شهيد شاگرد کي والدين ۽ ٻين وارثن سان به تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته اسان سندس ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، الله تعاليٰ سمورن وارثن کي صبر ۽ تحمل عطا فرمائي.











