تعليم واري مملڪتي وزير وجيهه قمر سان ورلڊ فوڊ پروگرام پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڪوڪو اوشياما  جي ملاقات

اسلام آباد -23 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت بابت مملڪتي وزير وجيهه قمر  سان ورلڊ فوڊ پروگرام پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڪوڪو اوشياما ملاقات ڪئي ۽ سڄي ملڪ ۾ اسڪولن ۾ غذائيت، ٻارن جي شروعاتي ترقي ۽ والدين جي تربيت جي حوالي سان سهڪار کي مضبوط بڻائڻ وارن قدمن تي ڳالهيون ڪيون. جاري پڌرائي موجب وجيهه قمر ٻارن جي صحت ۽ تعليمي رسائي کي بهتر بڻائڻ ۾ …

اسلام آباد -23 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت بابت مملڪتي وزير وجيهه قمر  سان ورلڊ فوڊ پروگرام پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڪوڪو اوشياما ملاقات ڪئي ۽ سڄي ملڪ ۾ اسڪولن ۾ غذائيت، ٻارن جي شروعاتي ترقي ۽ والدين جي تربيت جي حوالي سان سهڪار کي مضبوط بڻائڻ وارن قدمن تي ڳالهيون ڪيون. جاري پڌرائي موجب وجيهه قمر ٻارن جي صحت ۽ تعليمي رسائي کي بهتر بڻائڻ ۾ ڊبليو ايف پي جي لڳاتار سهڪار خاص ڪري غذائي عدم تحفظ جي شڪار ضلعن  جي اسڪولن ۾ خوراڪ جي پروگرامن جهڙن قدمن جي تعريف ڪئي. هن ٻارن جي جامع ترقي تي وزارت جي ڌيان کي اجاگر ڪيو جنهن ۾ والدين لاءِ رهنمائي وارا ڪتاب شامل آهن، جن جو مقصد سار سنڀال ڪندڙن کي غذائيت، جذباتي نگهداشت ۽ اسڪولن جي تياري بابت معلومات فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته بکايل ٻار ڪجهه به سکي نه سگهندو، اسان جو مقصد شروعاتي سالن ۾ غذائيت ۽ والدين جي آگاهي کي پاڪستان جي تعليمي نظام ۾ شامل ڪري سکڻ لاءِ مضبوط بنياد قائم ڪرڻ آهن. ان موقعي تي ڪوڪو اوشياما ٻارن جي ڀلائي کي تعليمي پاليسي جو حصو بڻائڻ تي وزارت جي قيادت جي تعريف ڪئي. هن غذائي تحفظ کي تعليم، صنفي برابري ۽ ڪميونٽي کي مضبوطي سان جوڙڻ وارن گڏيل پروگرامن ذريعي پاڪستان کي قومي ترجيحن جي حمايت ۾ ڊبليو ايف پي جي عزم جي تجديد ڪئي. ڌرين اسڪولن ۾ خوراڪ وارن پروگرامن کي وڌائڻ، غذائيت جي قدمن ۾ والدين کي ڄاڻ ڏيڻ کي شامل ڪرڻ ۽ ڏورانهن ۽ پٺتي پيل ڪميونٽيز ۾ هدفن تي ٻڌل قدمن جي موقعن جي باري ۾ ڳالهيون ڪيون. ملاقات ۾ پائيدار ترقياتي هدفن خاص ڪري ايس ڊي جي 2 (ٻڙي بک) ۽ ايس ڊي جي 4 (معياري تعليم) کي حڪومتي ۽ ڊبليو ايف پي جي گڏيل سهڪار سان اڳيان وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں