گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاران نئين چونڊيل سينيٽر طلحه محمود جي گهر آمد، ڪاميابي تي مبارڪون

اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي نئين چونڊيل سينيٽر طلحه محمود جي رهائش گاهه تي وڃي کيس سينيٽ ۾ ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون. گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق فيصل ڪريم ڪنڊ اميد ظاهر ڪئي ته سينيٽر طلحه محمود سينيٽ ۾ ڀٽو شهيد جي ويزن مطابق عوام جي مسئلن جي حل ۾ ڪردار ادا ڪندو ۽ هتي سندس ڪردار سان ملڪ ۾ جهموري قدرن کي به هٿي ملندي. سينيٽر طلحه محمود، …

اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي نئين چونڊيل سينيٽر طلحه محمود جي رهائش گاهه تي وڃي کيس سينيٽ ۾ ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون. گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق فيصل ڪريم ڪنڊ اميد ظاهر ڪئي ته سينيٽر طلحه محمود سينيٽ ۾ ڀٽو شهيد جي ويزن مطابق عوام جي مسئلن جي حل ۾ ڪردار ادا ڪندو ۽ هتي سندس ڪردار سان ملڪ ۾ جهموري قدرن کي به هٿي ملندي. سينيٽر طلحه محمود، چونڊن ۾ سهڪار تي گورنر جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته پارٽي قيادت سندس مٿان جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ان تي پورو لهڻ جي هر ممڪن ڪوششون ڪندس.

مزید خبریں