گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاڪستان جي قرارداد منظور ڪري ورتي، ڪشمير جهڙن تڪرارن جي پرامن حل لاءِ قدمن تي زور

نيويارڪ – 22 – جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل متفقه طور تي پاڪستان جي پيش ڪيل هڪ قرارداد منظور ڪري ورتي جنهن ۾ ميمبر ملڪن تي زور ڏنو ويو آهي ته اهي ڪشمير ۽ فلسطين جهڙن تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ ڪائونسل جي قراردادن کي موثر طريقي سان لاڳو ڪرڻ جا قدم کڻن. اهي قدم سلامتي ڪائونسل جي هڪ اجلاس ۾ کنيا ويا جيڪو ”عالمي …

نيويارڪ – 22 – جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل متفقه طور تي پاڪستان جي پيش ڪيل هڪ قرارداد منظور ڪري ورتي جنهن ۾ ميمبر ملڪن تي زور ڏنو ويو آهي ته اهي ڪشمير ۽ فلسطين جهڙن تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ ڪائونسل جي قراردادن کي موثر طريقي سان لاڳو ڪرڻ جا قدم کڻن. اهي قدم سلامتي ڪائونسل جي هڪ اجلاس ۾ کنيا ويا جيڪو ”عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ“ جي ايجنڊا تحت منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڊگهي مدي واري ۽ حل طلب تڪرارن جي عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ خطرن کي اجاگر ڪيو ويو ۽ ان جي حل لاءِ گڏيل ڪوشش کي مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو ويو. اهو اجلاس پاڪستان جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت دوران منعقد ٿيندڙ ٻن اهم واقعن مان هڪ آهي. پاڪستان جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جيڪو خصوصي طور تي ان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت لاءِ نيويارڪ آيل آهي، هن قرارداد کي ووٽنگ جي لاءِ پيش ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙن هٿ کڻي متفقه طور تي منظوري ڏني. ان نتيجي پاڪستان جي قيادت جي صلاحيت کي اجاگر ڪيو جنهن سلامتي ڪائونسل پاران هڪ قرارداد جي منظوري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اجلاس جو عنوان ”گهڻ رخي ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي ذريعي عالمي امن ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ“ هو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس مباحثي جي شروعات تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي اجلاس گهرائڻ ۽ عالمي امن جي گڏيل ڪوششن ۾ چارٽر جي ذريعن کي مڪمل طور تي استعمال ڪرڻ جي تجويز پيش ڪرڻ تي ساراهيو. هن چيو ته اڄ جي دور ۾ ان جي سخت ضرورت آهي. انتونيو گوتريس بريفنگ دوران چيو ته گڏيل قومن جي چارٽر جي معمارن تسليم ڪيو هو ته جاگرافيائي تڪرارن جي وڌڻ جي لاءِ پرامن حل لائيف لائين آهي ڇو ته حل طلب تڪرار ڀڙڪڻ سان ملڪ هڪ ٻئي تي اعتماد وڃائي ڇڏين ٿا. تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته لفظن ۽ عمل جي وچ ۾ فرق کي ڪو بحران سلامتي ڪائونسل جي 21 اپريل 1948ع جي قرارداد کان بهتر طور تي نه ٿو ڏيکاري، جنهن ۾ تڪراري خطي ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي پنهنجو مستقبل پاڻ طئي ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ ريفرنڊم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. قرارداد تحت سلامتي ڪائونسل سمورن ميمبر ملڪن تي زور ڏنو ته اهي گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 33 ۾ بيان ڪيل تڪرارن جي پرامن حل جي مڪينزم کي موثر طريقي سان استعمال ڪن. ان ۾ ڳالهه ٻولهه، جاچ، ثالثي، مصالحت، ثالثي فيصلو، عدالتي حل، علائقائي ادارن يا انتظامن جو سهارو يا پنهنجي پسند جا ٻيا پرامن ذريعا شامل آهن. ان سلسلي ۾ ڪائونسل گڏيل قومن جي چارٽر جي چيپٽر سڪس تحت پنهنجي ڪردار جي تصديق ڪئي ته هو تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ مناسب طريقيڪار جي سفارش ڪري، بشمول اهو خيال رکندي ته قانوني تڪرارن کي بطور عام اصول، ڌرين جي ذريعي انصاف جي عالمي عدالت جي حوالي ڪرڻ گهرجي. ڪائونسل سيڪريٽري جنرل تي زور ڏنو ته هو يقيني بڻائي ته گڏيل قومون ثالثي ۽ روڪٿام جي سفارتڪاري جي ڪوششن جي قيادت ۽ حمايت ڪرڻ جي قابل هجي ۽ پنهنجا اختيار جاري رکي. ڪائونسل ميمبر ملڪن تي پڻ زور ڏنو ته اهي ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي سربراهه جي حمايت ۽ تعاون ڪن. قرارداد ۾ سيڪريٽري جنرل کي درخواست ڪئي وئي آهي ته هو ان قراراد جي منظوري جي هڪ سال کانپوءِ تڪرارن جي پرامن حل جي مڪينزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٺوس قدم پيش ڪري. ڪائونسل علائقائي ۽ ذيلي علائقائي تنظيمن تي پڻ زور ڏنو ته اهي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ لاڳاپيل سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي وڌائين. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پوري دنيا ۾ اسان عالمي قانون بشمول عالمي انساني حقن جو قانون، عالمي پناهگير قانون، عالمي انساني قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي ڪنهن جوابدهي کانسواءِ مڪمل طور تي خلاف ورزي يا انهن کي نظرانداز ڪندي ڏسي رهيا آهيون. هن چيو ته عالمي ذميوارين کي پورو ڪرڻ ۾ اهي ناڪاميون ان وقت سامهون اچي رهيون آهن جڏهن جاگرافيائي سياسي ورڇ ۽ تڪرار وسيع ٿي رهيا آهن، جن جي قيمت انساني جانين، تباهه ٿيل معاشرن ۽ وڃايل مستقبل جي صورت ۾ ادا ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اسان کي غزه ۾ ٿيندڙ خوفناڪ واقعن کان اڳتي ڏسڻ جي ضرورت نه آهي جتي هولناڪ تباهي جي سطح تازي وقت ۾ بي مثال آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ سفارتڪاري سدائين تڪرارن، تشدد ۽ عدم استحڪام روڪڻ ۾ ڪامياب ناهي ٿي پر ان ۾ اڃا به انهن کي روڪڻ جي طاقت موجود آهي.

مزید خبریں