اسلام آباد-22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جا سمورا آپريشنز 31 جولاءِ 2025ع تائين مڪمل طور تي بند ڪيا پيا وڃن. اهو فيصلو اداري جي مسلسل مالي خساري ۽ حڪومت جي نجڪاري منصوبي تحت ڪيو ويو آهي. يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن طرفان جاري بيان ۾ وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص ممدگار هارون اختر واضح ڪيو ته اداري جي بندش جي …
يوٽيليٽي اسٽورز جا سمورا آپريشنز 31 جولاءِ تائين مڪمل طور تي بند ڪيا پيا وڃن: هارون اختر

مزید خبریں
اسلام آباد-22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جا سمورا آپريشنز 31 جولاءِ 2025ع تائين مڪمل طور تي بند ڪيا پيا وڃن. اهو فيصلو اداري جي مسلسل مالي خساري ۽ حڪومت جي نجڪاري منصوبي تحت ڪيو ويو آهي. يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن طرفان جاري بيان ۾ وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص ممدگار هارون اختر واضح ڪيو ته اداري جي بندش جي عمل دوران سمورن ملازمن جي حقن جو مڪمل خيال رکيو ويندو ۽ انهن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ وزيراعظم، ناڻي وزارت جي نگراني هيٺ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا متاثر ملازمن لاءِ رضاڪارڻي ڌار اسڪيم (وي ايس ايس) تيار ڪري رهي آهي. اها اسڪيم متاثر ملازمن کي مناسب مالي معاوضي جي فراهمي يقيني بڻائيندي. ڪميٽي پنهنجون سفارشون ۽ اسڪيم جي حتمي رپورٽ وزيراعظم کي منظوري لاءِ پيش ڪندي. منظوري کانپوءِ سمورن اهل ملازمن کي مقرر شرطن مطابق ادائيگيون ڪيون وينديون ته جئين منتقلي جو عمل خوش اسلوبي سان مڪمل ٿي سگهي.











