راولپنڊي-22 جولاءِ (اي پي پي) بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ 19 جولاءِ تي سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع جي بنياد تي هڪ ڪامياب ڪارروائيءَ دوران ڀارتي پراڪسي فتنه الهندوستان جي وڌيڪ 4 دهشتگردن کي ماريو ويو. ان آپريشن کانپوءِ 21 جولاءِ تي علائقي ۾ هڪ منظم ڪليئرنس ۽ سينيٽائيزيشن آپريشن ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز مطابق آپريشن دوران فورسز 4 دهشتگردن جو پتو لڳائي کين منتقي …
بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن، فتنه الهندوستان جا وڌيڪ 4 دهشتگرد ماريا ويا

مزید خبریں
راولپنڊي-22 جولاءِ (اي پي پي) بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ 19 جولاءِ تي سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع جي بنياد تي هڪ ڪامياب ڪارروائيءَ دوران ڀارتي پراڪسي فتنه الهندوستان جي وڌيڪ 4 دهشتگردن کي ماريو ويو. ان آپريشن کانپوءِ 21 جولاءِ تي علائقي ۾ هڪ منظم ڪليئرنس ۽ سينيٽائيزيشن آپريشن ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز مطابق آپريشن دوران فورسز 4 دهشتگردن جو پتو لڳائي کين منتقي انجام تائين پهچايو. ڪارروائيءَ دوران دهشتگردن جو هڪ اهم ٺڪاڻو به تباهه ڪيو ويو، جتان وڏي مقدار ۾ هٿيار، بارود ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو. سيڪيورٽي فورسز قوم سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي دشمنن جي ناپاڪ اِرادان کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي. ڀارتي پراڪسيز طرفان بلوچستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ جون ڪوششون ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏنيون وينديون. ترجمان جو چوڻ هو ته اهڙا آپريشن دهشتگردن لاءِ واضح پيغام آهن ته بلوچستان جي امن کي تباهه ڪندڙن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو.










