وفاقي گهرو وزير پاران قلات ۾ ڀارتي حمايت يافته 4 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

اسلام آباد-22 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي قلات ۾ ڀارتي حمايت يافته  دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن دوران 4 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزارت مان جاري بيان ۾ گهرو وزير سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. هن چيو ته ڀارتي حمايته يافته 4 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته …

اسلام آباد-22 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي قلات ۾ ڀارتي حمايت يافته  دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن دوران 4 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزارت مان جاري بيان ۾ گهرو وزير سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. هن چيو ته ڀارتي حمايته يافته 4 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي ناپاڪ اِرادن کي ناڪام بنائي ڇڏيو. قوم فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. گهرو وزير چيو ته ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جو عبرتناڪ انجام واضح پيغام آهي ته پاڪستان ۾ ان فتني کي لِڪڻ جي جڳهه نه ملندي. هن چيو ته پاڪستان مان فتنه الهندستان جي هڪ هڪ دهشتگرد جو خاتمو ڪنداسين.

مزید خبریں