نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي آسٽريا جي چانسلر جي عالمي معاملن بابت خصوصي ايلچي سان ملاقات

نيويارڪ – 22 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر نيويارڪ ۾ جاري پائيدار ترقي تي اعليٰ سطحي سياسي فورم جي موقعي تي آسٽريا جي چانسلر جي عالمي معاملن بابت خصوصي ايلچي پيٽر لانسڪي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڌرين پاڪ آسٽريا لاڳاپن جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻطرفي …

نيويارڪ – 22 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر نيويارڪ ۾ جاري پائيدار ترقي تي اعليٰ سطحي سياسي فورم جي موقعي تي آسٽريا جي چانسلر جي عالمي معاملن بابت خصوصي ايلچي پيٽر لانسڪي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڌرين پاڪ آسٽريا لاڳاپن جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ خاص طور تي تعليم، سياحت ۽ ڪاروبار ۾ تعاون جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آسٽريا جي چانسلر جي عالمي معاملن بابت خصوصي ايلچي پيٽر لانسڪي آسٽريا جي معيشت ۽ سماجي ترقي ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي تعاون کي ساراهيو. هن گهڻ رخي فورمز خاص طور تي گڏيل قومن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آسٽريا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي حيثيت سان ۽ خاص طور تي سلامتي ڪائونسل جي صدارت جي دوران پاڪستان جي ڪردار ۽ تعاون کي ساراهيو.

مزید خبریں