اسلام آباد – 22 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سڄي ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي آهي ته متاثر ماڻهن کي فوري ريليف فراهم ڪيو وڃي ۽ اڳتي ڪنهن به امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٻوڏ ۽ مختلف …
وزيراعظم پاران سڄي ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 22 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سڄي ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي آهي ته متاثر ماڻهن کي فوري ريليف فراهم ڪيو وڃي ۽ اڳتي ڪنهن به امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٻوڏ ۽ مختلف حادثن ۾ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم حادثن ۾ زخمي ٿيندڙن کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ، ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ريسڪيو آپريشنز تيز ڪرڻ ۽ اين ڊي ايم اي کي صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ ۽ انهن کي سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته متاثر عوام تائين فوري ريليف پهچايو وڃي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ ڪنهن به امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون وڃن ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ ايف ڊبليو او کي ٻوڏ کان متاثر رستن ۽ رابطا رستن جي بحالي جو ڪم تيز ڪيو وڃي.










