اسلام آباد – 22 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي کليل مباحثي (اوپن ڊيبيٽ) جي صدارت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب مباحثي جو موضوع ”گهڻ رخي ۽ پرامن طريقي سان تڪرارن جي حل جي ذريعي عالمي امن ۽ سلامتي جو فروغ“ آهي. جولاءِ ۾ سلامتي ڪائونسل جي صدارت دوران پاڪستان جي ٻن …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾اوپن ڊيبيٽ جي صدارت ڪندو

مزید خبریں
اسلام آباد – 22 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي کليل مباحثي (اوپن ڊيبيٽ) جي صدارت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب مباحثي جو موضوع ”گهڻ رخي ۽ پرامن طريقي سان تڪرارن جي حل جي ذريعي عالمي امن ۽ سلامتي جو فروغ“ آهي. جولاءِ ۾ سلامتي ڪائونسل جي صدارت دوران پاڪستان جي ٻن نمايان قدمن مان هي پهريون قدم آهي. گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ان موقعي تي سلامتي ڪائونسل کي بريفنگ ڏيندو. اهو اجلاس گهڻ رخي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۾ داخل تڪرارن جي پرامن حل جي اصول تي پاڪستان جي اڻٿڪ يقين جي توثيق ڪري ٿو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سعودي عرب جي معيشت ۽ منصوبابندي واري وزير، برطانيا جي آفريقا، ڪامن ويلٿ ۽ گهڻ رخي معاملن واري وزير ۽ ٿائيلينڊ جي پرڏيهي وزير سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير هڪ غيرملڪي ميڊيا کي انٽرويو پڻ ڏيندو. نائب وزيراعظم گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي پاران گڏيل قومن جي چونڊيل سفيرن ۽ اعليٰ عملدارن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو.










