جوابدار ڪيترائي بااثر ڇو نه هجن متاثرن کي هر صورت ۾ انصاف فراهم ڪيو ويندو: بلوچستان جو وڏو وزير

ڪوئيٽا-21 جولاءِ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ڊيڪاري ۾ ٻٽي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته متاثرن کي هر صورت ۾ انصاف فراهم ڪيو ويندو، توڙي جو جوابدار ڪيترائي بااثر ڇو نه هجن. ان افسوسناڪ واقعي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ تي فوري ڪارروائي جو حڪم ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 11 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن جن ۾ …

ڪوئيٽا-21 جولاءِ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ڊيڪاري ۾ ٻٽي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته متاثرن کي هر صورت ۾ انصاف فراهم ڪيو ويندو، توڙي جو جوابدار ڪيترائي بااثر ڇو نه هجن. ان افسوسناڪ واقعي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ تي فوري ڪارروائي جو حڪم ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 11 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن جن ۾ هڪ قبائلي سردار به شامل آهي. اهڙو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير راحيله دراني، راندين بابت صلاحڪار مينا مجيد بلوچ، اسيمبلي ميمبر علي مدد جتڪ ۽ ٻيا صوبائي ميمبر موجود هئا. وڏي وزير چيو ته ڊيگاري قتل ۾ ملوث ڪنهن به شخص سان رعايت نه ڪئي ويندي ۽ رياست هميشه مظلومن سان گڏ بيٺل رهندي. هن اهڙيءَ طرح جي جرڳن جي حوصله شڪني ڪندي چيو ته اسان کي آئين ۽ قانون موجب هلڻو آهي، ان معاملي ۾ مقامي ڊي ايس پي کي به معطل ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ان واقعي جي حوالي سان ٽيليفون ڪيو آهي ۽ ملزمن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏنو. هن چيو ته حڪومت هن ٻٽي قتل جي معاملي ۾ ڪوبه دٻاءُ قبول نه ڪندي. هن چيو ته بسن مان ماڻهن کي ڪڍي قتل ڪندڙ 10 ماڻهن کي ماريو ويو آهي ۽ گذريل ڏينهن سهراب ۾ قومي شاهراهه تي دهشتگردن خلاف 7 منٽن ۾ ڪارروائي ڪئي وئي.