اسلام آباد-21 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ بابت (ترميمي) بل 2022ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا رٿ پيش ڪئي ته صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ بابت ترميمي بل 22ع اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ غور هيٺ آندو وڃي. ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي. محرڪ چيو ته هي بل صحافين جي تحفظ لاءِ ضروري …
سينيٽ پاران صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ بابت (ترميمي) بل 2022ع ۽ سوشل ميڊيا (صارفين لاءِ عمر جي حد) بل 2025ع سميت مُختلف بل منظور

مزید خبریں
اسلام آباد-21 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ بابت (ترميمي) بل 2022ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا رٿ پيش ڪئي ته صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ بابت ترميمي بل 22ع اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ غور هيٺ آندو وڃي. ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي. محرڪ چيو ته هي بل صحافين جي تحفظ لاءِ ضروري آهي، بعد ۾ چيئرمين بل جي شق وار منظوريءَ لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. جڏهن ته سوشل ميڊيا (صارفين لاءِ عمر جي حد) بل 2025ع جي منظوري لاءِ سينيٽر مسرور احسن ۽ سينيٽر سرمد علي رٿ پيش ڪئي ته سوشل ميڊيا (صارفين لاءِ عمر جي حد) بل 2025ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ چيئرمين بل شق وار منظوريءَ لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. جڏهن ته ان کانسواءِ سينيٽ ليگل پريڪٽيشنرز اينڊ بار ڪونسلز (ترميمي) بل 2025ع اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر خليل طاهر سنڌو رٿ پيش ڪئي ته سينيٽ ليگل پريڪٽيشنرز اينڊ بار ڪونسلز (ترميمي) بل 2025ع اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي رپورٽ ڪرڻ جي صورت ۾ غور هيٺ آندو وڃي. سينيٽر علي ظفر رٿ جي مخالفت ڪئي. جنهن ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي تفصيلي غور ويچار کانپوءِ هي بل منظور ڪيو آهي. 6 بار ڪونسلز به ان جي حمايت ڪئي آهي. ان معاملي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي ۽ وڪيلن جي سياست کي ملڪي سياست کان ڌار ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو. هن چيو ته هي بل انتهائي اهميت وارو آهي. ان بل ۾ جيڪي شيون شامل ڪيون ويون آهن اهي وقت جي ضرورت هيون، جنهن کانپوءِ ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي. بعد ۾ چيئرمين بل کي شق وار منظوريءَ لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو. سينيٽ صوبائي موٽر گاڏين بابت ترميمي بل 2025ع جي پُڻ منظوري ڏني، سينيٽ جي اجلاس ۾ پ پ جي سينيٽر سرمد علي رٿ پيش ڪئي ته صوبائي موٽر گاڏين بابت ترميمي بل 25ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. ايوان رٿ جي منظوري ڏني. جنهن کانپوءِ چيئرمين بل کي شق وار منظوريءَ لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي منظور ڪيو ويو. جڏهن ته فوجداري قانون (ترميمي) بل 2024ع جي پُڻ منظوري ڏني وئي، سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر شهادت اعواڻ رٿ پيش ڪئي ته فوجداري قانون (ترميمي) بل 2024ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ چيئرمين بل شق وار منظوريءَ لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. اسلام آباد ڪيپيٽل ٽريٽري رجسٽريشن ۽ خيراتي ادارن جي سهولتڪاري بابت ترميمي بل 2023ع جي پُڻ منظوري ڏني وئي، سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر شهادت اعواڻ رٿ پيش ڪئي ته اسلام آباد ڪيپيٽل ٽريٽري رجسٽريشن ۽ خيراتي ادارن جي سهولتڪاري بابت ترميمي بل 2023ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ چيئرمين بل شق وار منظوريءَ لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. جڏهن ته نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن ترميمي بل 2025ع جي پُڻ منظوري ڏني وئي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر فوزيه ارشد رٿ پيش ڪئي ته نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن ترميمي بل 2025ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ چيئرمين بل شق وار منظوريءَ لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. ان کانسواءِ موتمار حادثن واري ترميمي بل 2024ع جي منظوري ڏني وئي. سينيٽر شهادت اعواڻ رٿ پيش ڪئي ته موتمار حادثن واري ترميمي بل 2024ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ چيئرمين بل شق وار منظوريءَ لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. جڏهن ته نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (تنظيم سازي) ترميمي بل 2024ع جي پُڻ منظوري ڏني وئي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا رٿ پيش ڪئي ته نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (تنظيم سازي) ترميمي بل 2024ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ چيئرمين بل شق وار منظوريءَ لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ويو جنهن کي منظور ڪيو ويو. سينيٽ حڪومتي ملڪيتي ادارن گورننس اينڊ آپريشنز (ترميمي) بل 2024ع جي منظوري ڏني. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر انوشه رحمان رٿ پيش ڪئي ته حڪومتي ملڪيتي ادارن گورننس اينڊ آپريشنز (ترميمي) بل 2024ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ چيئرمين بل شق وار منظوريءَ لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. جڏهن ته ڊرگ ريگيوليٽري ٿارٽي آف پاڪستان (ترميمي) بل 2025ع جي پُڻ منظوري ڏني وئي. سينيٽر ڊاڪٽر زرقا سهروري تيمور رٿ پيش ڪئي ته ڊرگ ريگيوليٽري ٿارٽي آف پاڪستان (ترميمي) بل 2025ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ چيئرمين بل شق وار منظوريءَ لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. اويڪيو ٽرسٽ انتظام (ترميمي) بل 2024ع جي منظوري لاءِ سينيٽر انوشا رحمان رٿ پيش ڪئي ته اويڪيو ٽرسٽ انتظام (ترميمي) بل 2024ع اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ چيئرمين بل شق وار منظوريءَ لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.











