ڪاروباري برادريءَ کي درپيش سمورا وڏا مسئلا ايندڙ صنعتي پاليسي ذريعي حل ڪيا ويندا: هارون اختر

اسلام آباد-21 جولاءِ (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر سان سيالڪوٽ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري، پاڪستان ريڊي ميڊ گارمينٽس مينيوفڪيچررز اينڊ ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان هوز ري مينيوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي اعليٰ سحي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ فڪسڊ ٽيڪس رجيم جو مقابلو نارمل ٽيڪس رجيم، صنعتي پاليسي ۽ ڪاروبار ۾ آسانيءَ جهڙن اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سيالڪوٽ چيمبر …

اسلام آباد-21 جولاءِ (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر سان سيالڪوٽ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري، پاڪستان ريڊي ميڊ گارمينٽس مينيوفڪيچررز اينڊ ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان هوز ري مينيوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي اعليٰ سحي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ فڪسڊ ٽيڪس رجيم جو مقابلو نارمل ٽيڪس رجيم، صنعتي پاليسي ۽ ڪاروبار ۾ آسانيءَ جهڙن اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سيالڪوٽ چيمبر زور ڀريو ته ڏهاڪن کان فڪسڊ ٽيڪس رجيم روانگي واپار ڪندڙن لاءِ هڪ سادو، شفاف ۽ بدعنوانيءَ کان پاڪ نظام رهيو آهي جڏهن ته فنانس ايڪٽ 24ع تحت لاڳو ڪيل نارمل ٽيڪس رجيم ڪاروباري طبقي لاءِ هڪ بوجهه بڻجي چڪو آهي. چيمبر حڪومت کان مطالبو ڪيو ته روانگي واپار لاءِ فائنل ٽيڪس رجيم کي بحال ڪيو ُڃي ته جيئن روانگي واپار واري شعبي ۾ تسلسل ۽ ترقيءَ کي يقيني بنائي سگهجي. وفد سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت ڪاروباري برادري جي مسئلن کان چڱيءَ ريت واقف آهي ۽ انهن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف واضح هدايتون ڏنيون ته ڪاروباري طبقي جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي. خاص مددگار وفد کي آگاهه ڪيو ته نئين صنعتي پاليسيءَ ۾ ننڍن ۽ وچولي درجي جي ادارن (ايس ايم ايز) جي جامع ۽ معياري ساراهه شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني ويندي. هارون اختر زور ڀريو ته سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ پائيدار صنعتي ترقيءَ لاءِ هڪ مستحڪم ۽ قابل پاليسي فريم ورڪ اڻٽر آهي. هن چيو ته حڪومت هڪ مستقبل بين الصنعتي پاليسي متعارف ڪرائي رهي آهي جيڪا صنعتڪارن لاءِ مددگار ۽ بحاليءَ جو ذريعو بڻجندي. ڪاروباري برادريءَ کي درپيش وڏا مسئلا آئينده صنعتي پاليسيءَ ذريعي حل ڪيا ويندا. پاڪستان جي موجوده معاشي صورتحال جي روشنيءَ ۾ خاص مددگار پائيدار ۽ مستقل پاليسي فريم ورڪ جي اشد ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته قومي اقتصادي استحڪام کي يقيني بنايو ويندو.