لاهور-21 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران لاهور سميت پنجاب جي اڪثر علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ٻين علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي ۽ آلوده رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق لاهور، سرگوڌا، خوشاب، ميانوالي، جهلم، گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ، نارووال، منڊي بهائوالدين، حافظ آباد، شيخوپوره، قصور، جهنگ، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، ملتان، خانيوال، فيصل آباد، …
لاهور سميت پنجاب جي اڪثر علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي: موسميات کاتو

مزید خبریں
لاهور-21 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران لاهور سميت پنجاب جي اڪثر علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ٻين علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي ۽ آلوده رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق لاهور، سرگوڌا، خوشاب، ميانوالي، جهلم، گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ، نارووال، منڊي بهائوالدين، حافظ آباد، شيخوپوره، قصور، جهنگ، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، ملتان، خانيوال، فيصل آباد، ليهه، ڀڪر، ڊيره غازي خان، ساهيوال، رحيم يار خان، ڪوٽ ادو، تونسه شريف ۽ ڀرپاسي ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ان دوران ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ٿي سگهي ٿي جڏهن ته صوبي جي ٻين علائقن ۾ جزوي جهڙالي ۽ آلوده رهڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران لاهور، گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ، نارووال، منڊي بهائوالدين، حافظ آباد، قصور ۽ ڀرپاسي ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن، طوفان ۽ گجگوڙ سان برسات پئي، جڏهن ته صوبي جي ٻين علائقن ۾ جزوي جهڙالي ۽ آلوده رهي. لاهور ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 27 ۽ وڌ ۾ وڌ 33 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.










