اسلام آباد-21 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، محمد آصف ۽ حسنين اختر کي عالمي سنوڪر ٽائٽل کٽڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. سينيٽ سيڪرٽريٽ مطابق سينيٽ چيئرمين ٻنهي رانديگرن کي ڌار ڌار ڪيٽگريز ۾ ٽائٽلز پنهنجي نالي ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. هن چيو ته ٻنهي رانديگرن ملڪ جو نالو روشن ڪيو، سڄي قوم کي انهن تي فخر آهي، سڄي قوم جون نيڪ خواهشتون محمد آصف …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران محمد آصف ۽ حسنين اختر کي عالمي سنوڪر ٽائٽل کٽڻ تي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد-21 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، محمد آصف ۽ حسنين اختر کي عالمي سنوڪر ٽائٽل کٽڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. سينيٽ سيڪرٽريٽ مطابق سينيٽ چيئرمين ٻنهي رانديگرن کي ڌار ڌار ڪيٽگريز ۾ ٽائٽلز پنهنجي نالي ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. هن چيو ته ٻنهي رانديگرن ملڪ جو نالو روشن ڪيو، سڄي قوم کي انهن تي فخر آهي، سڄي قوم جون نيڪ خواهشتون محمد آصف ۽ حسنين اختر سان گڏ آهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته اسان جي نوجوانن کي الله تعاليٰ بي پناهه صلاحيتن سان نوازيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي رانديگر مستقبل ۾ به محنت ۽ لڳن سان ملڪ جو نالو روشن ڪندا رهندا.











