اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 8 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي نيويارڪ پهچي ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب 21 جولاءِ کان 28 جولاءِ 2025ع تائين پنهنجي دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي صدارت تحت اعليٰ سطحي خصوصي تقريبن جي سربراهي ڪندو. نيويارڪ ۽ واشنگٽن ڊي سي ۾ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 8 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي نيويارڪ پهچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 8 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي نيويارڪ پهچي ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب 21 جولاءِ کان 28 جولاءِ 2025ع تائين پنهنجي دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي صدارت تحت اعليٰ سطحي خصوصي تقريبن جي سربراهي ڪندو. نيويارڪ ۽ واشنگٽن ڊي سي ۾ ٻطرفيون ۽ گهڻ رخي ملاقاتون ڪندو ۽ سعودي عرب ۽ فرانس جي گڏيل ميزباني ۾ ٻه رياستي حل تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. نيويارڪ پهچڻ تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير آجيان ڪئي.











