اسلام آباد -21 جولاءِ (اي پي پي) ايران جي گهرو وزير سڪندر مومنيءَ، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو، فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار به ڪيو آهي. ان موقعي تي ايران جي صدر مسعود پز شڪيان جي 26 جولاءِ واري پاڪستان جي دوري جي حوالي سان به …
وفاقي گهرو وزير سان ايران جي هم منصب جو ٽيليفونڪ رابطو، ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد -21 جولاءِ (اي پي پي) ايران جي گهرو وزير سڪندر مومنيءَ، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو، فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار به ڪيو آهي. ان موقعي تي ايران جي صدر مسعود پز شڪيان جي 26 جولاءِ واري پاڪستان جي دوري جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون ويون. گهرو وزارت پاران جاري بيان مطابق ايران جي پرڏيهي وزير سڪندر مومني پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيون ٿا ۽ چيو ته اسان ان ڏکئي وقت ۾ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهيون. ايران جي پرڏيهي وزير چيو ته ايران ٻوڏ متاثرن جي هر طرح جي مدد لاءِ حاضر آهي. ايران جي پرڏيهي وزير سڪندر مومنيءَ گهرو وزير محسن نقوي سان ايران جي صدر مسعود پز شڪيان جي 26 جولاءِ واري پاڪستان جي دوري جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون. ايران جي گهرو وزير سڪندر مومني ايران جي هاڻوڪي دوري تي گهرو وزير محسن نقوي جو ٿورو به مڃيو. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته اسان ايران جي صدر مسعود پزشڪيان جي اسلام آباد جي دوري جا منتظر آهيون.











