راولپنڊي-20 جولاءِ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز قلات ۾ ڪارروائي ڪندي، فتنه الهندوستان جي 4 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب 19 ۽ 20 جولاءِ جي وچ واري رات سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو، جتي ڀارتي ايجنٽ تنظيم فتنه الهندوستان جي 4 دهشتگردن جي موجودگي جو اطلاع مليو هو. آپريشن دوران پاڪ فوج دهشتگردن …
سيڪيورٽي فورسز جي قلات ۾ ڪارروائي، فتنه الهندوستان جا 4 دهشتگرد مارجي ويا

مزید خبریں
راولپنڊي-20 جولاءِ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز قلات ۾ ڪارروائي ڪندي، فتنه الهندوستان جي 4 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب 19 ۽ 20 جولاءِ جي وچ واري رات سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو، جتي ڀارتي ايجنٽ تنظيم فتنه الهندوستان جي 4 دهشتگردن جي موجودگي جو اطلاع مليو هو. آپريشن دوران پاڪ فوج دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي موثر انداز ۾ نشانو بڻايو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ بعد 4 ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. دهشتگردن وٽان گولا بارود ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا. اهي دهشتگرد علائقي ۾ موجود دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث هئا. علائقي ۾ وڌيڪ دهشتگردن جي موجودگي جي خدشي کي نظر ۾ رکندي آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ قوم هن عزم کي ورجائي ٿي ته دهشتگردي ۾ ملوث ڌرين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.











