وفاقي گهرو وزير جو اسلام آباد سيف سٽي هيڊ ڪوارٽرز جو دورو

اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته سيف سٽي پراجيڪٽ ڏوهن جي روڪٿام ۽ فوري ريسپانس ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، سرويلنس جي نظام کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ اي آءِ سان ليس ڪيو وڃي، سمورن سيف سٽيز کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ سان ڊيٽا شيئرنگ ۾ بهتري ايندي. گهرو وزارت مطابق وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد سيف …

اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته سيف سٽي پراجيڪٽ ڏوهن جي روڪٿام ۽ فوري ريسپانس ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، سرويلنس جي نظام کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ اي آءِ سان ليس ڪيو وڃي، سمورن سيف سٽيز کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ سان ڊيٽا شيئرنگ ۾ بهتري ايندي. گهرو وزارت مطابق وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد سيف سٽي هيڊ ڪوارٽرز جي دوري جي موقعي تي آن لائن وومين پوليس اسٽيشن ۽ ون انفو موبائل ايپليڪيشن جو باقاعده افتتاح ڪيو. هن آءِ جي اسلام آباد پوليس علي ناصر رضوي ۽ سندس ٽيم جي نون قدمن کي ساراهيو ۽ ڊيجيٽل وال تي شهر جي مانيٽرنگ جي عمل جو مشاهدو به ڪيو. محسن نقوي ان موقعي تي چيو ته ايپ سان ايمرجنسي شڪايتون داخل ڪرائي سگهجن ٿيون. وفاقي گهرو وزير عورتن ۽ ڪمزور طبقن جي فوري مدد لاءِ آن لائن پليٽ فارم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ايپ ۽ آن لائن وومين پوليس اسٽيشن جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي سلسلي ۾ اسانجي عزم جي عڪاس آهن. ان موقعي تي مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري، گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ آءِ جي اسلام آباد پوليس به موجود هئا. گهرو وزير محسن نقوي سيف سٽي هيڊ ڪوارٽرز ۾ اهم اجلاس جي صدارت دوران چيو ته سيف سٽي پراجيڪٽ ڏوهن جي روڪٿام ۽ فوري ريسپانس ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن سيف سٽي جي مانيٽرنگ کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سرويلنس جي نظام کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ آءِ اي سان ليس ڪيو وڃي. هن چيو ته اسلام آباد کي محفوظ ترين شهر بڻائڻ لاءِ سيف سٽي منصوبي کي ماڊل طور اختيار ڪيو ويندو. گهرو وزير سيف سٽي اسلام آباد کي ٻين صوبن جي سيف سٽيز سان ڳنڍڻ تي به ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته سمورن سيف سٽيز کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ سان ڊيٽا شيئرنگ ۾ بهتري ايندي. گهرو وزير سيف سٽي اسٽاف جي ڪارڪردگي کي ساراهيو، وڌيڪ محنت سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن سيف سٽي ۾ مقرر عملي کي عوامي خدمتن کي پهرين ترجيع ڏيڻ جي هدايت ڪئي ۽ سيف سٽي ٽيم جي جذبي ۽ ڪارڪردگي کي به ساراهيو. اجلاس دوران آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي گهرو وزير کي سيف سٽي تي تفصيلي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته وفاقي گادي واري شهر جي علائقن کي 3100 ڪيمرائن سان مانيٽر ڪيو پيو وڃي، سسٽم کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ 3100 نيون ڪيمرائون لڳايون وينديون. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سيف سٽي اسلام آباد سردار فهيم قتل سميت ڪيترن ئي هاءِ پروفائل ڪيسز ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، سيف سٽي ڪيمرائن جي مدد سان ڪيترن ئي اهم ڪيسن جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي، سيف سٽي ڪيمرائن جي مدد سان اسلام آباد ۾ ڏوهن جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. علي ناصر رضوي ٻڌايو ته آن لائن وومين پوليس اسٽيشن عورتن لاءِ ٺاهيو ويو آهي ۽ عورتن لاءِ هيلپ لائن 1815 مخصوص ڪئي وئي آهي، 1815 هيلپ لائن تي ڪال ٽيڪر، ڪال ريسپانڊر ۽ جاچ آفيسر به وومين پوليس اهلڪار آهن.