آءِ ايس پي آر سمر انٽرنشپ 2025ع جي شاگردن جو يادگار شهداء جو دورو

اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ايس پي آر سمر انٽرنشپ 2025ع جي شاگردن يادگار شهداء جو دورو ڪيو ۽ يادگار تي گل چاڙهيا ۽ دعا به ڪئي. ان موقعي تي شاگردن وطن جي جانثارن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته اسان جا شهيد اسان جو فخر آهن ۽ اسن پنهنجي شهيدن کي ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهون. هنن چيو ته اسان فوج سان آهيون …

اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ايس پي آر سمر انٽرنشپ 2025ع جي شاگردن يادگار شهداء جو دورو ڪيو ۽ يادگار تي گل چاڙهيا ۽ دعا به ڪئي. ان موقعي تي شاگردن وطن جي جانثارن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته اسان جا شهيد اسان جو فخر آهن ۽ اسن پنهنجي شهيدن کي ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهون. هنن چيو ته اسان فوج سان آهيون ۽ فوج اسان سان آهي. سمر انٽرنشپ 2025ع جي شاگردن چيو ته يادگار شهداء صرف سنگ مرر ۽ پٿرن سان ناهي ٺاهيو ويو پر اسان جي شهيدن جي رت سان ٺاهيو ويو آهي. هنن آرمي ميوزيم ۽ انسٽيٽيوٽ آف ملٽري هسٽري جو به دورو ڪيو، ميوزيم ۾ رکيل ناياب ۽ تاريخي هٿيار ۽ اوزار ڏسي شاگرد خوش ٿيا. هنن چيو ته پاڪ فوج عوام سان آهي ۽ عوام پاڪ فوج سان گڏ آهي.