ڪابل -20 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن وارو وفاقي وزير محسن نقوي افغانستان جي هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ڪابل پهچي ويو. ڪابل انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي افغانستان جي نائب گهرو وزير محمد نبي عمري گهرو وزير جي آجيان ڪئي. افغانستان جي گهرو وزارت جا اعليٰ عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. وفاقي وزير سان گهرو معاملن وارو سيڪريٽري خرم آغا به گڏ آهي. وفاقي وزير محسن نقوي …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي افغانستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪابل پهچي ويو

مزید خبریں
ڪابل -20 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن وارو وفاقي وزير محسن نقوي افغانستان جي هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ڪابل پهچي ويو. ڪابل انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي افغانستان جي نائب گهرو وزير محمد نبي عمري گهرو وزير جي آجيان ڪئي. افغانستان جي گهرو وزارت جا اعليٰ عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. وفاقي وزير سان گهرو معاملن وارو سيڪريٽري خرم آغا به گڏ آهي. وفاقي وزير محسن نقوي پنهنجي افغان هم منصب سراج الدين حقاني سان ملاقات ڪندو.











