اسلام آباد -20 جولاءِ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري مملڪتي وزير کيئلداس ڪوهستاني چيو آهي، ته سياسي استحڪام انتهائي اهميت جو حامل آهي. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته پي ٽي آءِ وٽ ڪنهن به احتجاج لاءِ عوامي حمايت سميت پنهنجي پارٽي ڪارڪنن جي حمايت جي پڻ گهٽتائي آهي. هڪ انٽرويو دوران مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي ايجنڊا لاءِ جوڳي عوامي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ …
پي ٽي آءِ پنهنجي ايجنڊا لاءِ خاطر خواهه عوامي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي: کيئلداس ڪوهستاني

مزید خبریں
اسلام آباد -20 جولاءِ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري مملڪتي وزير کيئلداس ڪوهستاني چيو آهي، ته سياسي استحڪام انتهائي اهميت جو حامل آهي. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته پي ٽي آءِ وٽ ڪنهن به احتجاج لاءِ عوامي حمايت سميت پنهنجي پارٽي ڪارڪنن جي حمايت جي پڻ گهٽتائي آهي. هڪ انٽرويو دوران مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي ايجنڊا لاءِ جوڳي عوامي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هن وضاحت ڪئي ته پارٽي جو اثر رسوخ نمايان طور تي گهٽ ٿيو آهي. هن زور ڀريو ته عوامي حمايت جي اها گهٽتائي پي ٽي آءِ جي قيادت ۽ پارٽي وچ ۾ رابطا ختم ٿيڻ جو واضح اشارو آهي. هن پي ٽي آءِ کي مشورو ڏنو ته احتجاج جو سهارو وٺڻ بدران ڳالهين جو رستو اختيار ڪري. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن وچ ۾ اختلافن پارٽي جي پوزيشن کي وڌيڪ ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. کيئلداس ڪوهستاني ملڪي ترقي لاءِ سياسي استحڪام جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي ملڪ جي مستقبل جي حوالي سان ڪم ڪرڻ گهرجي. مملڪتي وزير چيو ته مختلف سياسي نذرين باوجود ڪافي سياسي پارٽين کي قانوني ۽ جمهوري طريقن سان چئلينجز جي حل تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ جمهوري عمل جي تحفظ لاءِ ڌرين وچ ۾ سهڪار ضروري آهي. سمورين سياسي پارٽين کي قومي مفادن کي ترجيح ڏيڻي پوندي ۽ ملڪ جي جمهوريه نظام جي تحفظ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.











