خيبر پختونخوا اسيمبلي ۾ عورتن ۽ اقليتي سيٽن تي چونڊيل ميمبر اڄ حلف کڻندا

اسلام آباد -20 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا اسيمبلي ۾ عورتن ۽ اقليتي سيٽن تي چونڊيل ميمبر سومر 21 جُولاءِ تي صبح جو نائين وڳي پنهنجي عهدن جو حلف کڻندا. اليڪشن ڪميشن پاران جاري پڌرائي موجب اليڪشن ڪميشن، چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ کي هڪ خط موڪليو هو جنهن ۾ درخواست ڪئي وئي هئي ته ڪنهن مناسب فرد کي حلف برداري لاءِ نامزد ڪيو وڃي. هاڻي ڪي پي ڪي جو …

اسلام آباد -20 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا اسيمبلي ۾ عورتن ۽ اقليتي سيٽن تي چونڊيل ميمبر سومر 21 جُولاءِ تي صبح جو نائين وڳي پنهنجي عهدن جو حلف کڻندا. اليڪشن ڪميشن پاران جاري پڌرائي موجب اليڪشن ڪميشن، چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ کي هڪ خط موڪليو هو جنهن ۾ درخواست ڪئي وئي هئي ته ڪنهن مناسب فرد کي حلف برداري لاءِ نامزد ڪيو وڃي. هاڻي ڪي پي ڪي جو گورنر جنهن کي تازو ئي نامزد ڪيو ويو آهي، صبح جو نائين وڳي مخصوص سيٽن تي ميمبر کان حلف وٺندو. گورنر هائوس ۾ صبح جو نائين وڳي حلف برادري واري تقريب منعقد ڪئي ويندي، جڏهن ته ساڳئي ڏينهن جرڳه هال ۾ سينيٽ چونڊن جو عمل 11 وڳي شروع ٿيندو. ان دوران اليڪشن ڪميشن، آءِ جي خيبرپختونخوا، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي فرنٽيئر ڪانسٽيبلري کي فول پروف سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچي سگهجي.