اسلام آباد -20 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪ فضائيه کي برطانيه ۾ منعقد ٿيل رائل انٽرنيشنل ايئر ٽيٽو 2025ع شو ۾ ايوارڊز کٽڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. قومي اسيمبلي جي ميڊيا سيل مان جاري ٿيل بيان ۾ اسپيڪر پاڪ فضائيه لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي جي ايف-17 ٿنڊر بلاڪ سي ۽ سي-130 جي اعليٰ ڪارڪردگي تي پائليٽس، ٽيڪنيشنز ۽ قيادت کي خراج …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پاڪ فضائيه کي برطانيه ۾ رائل انٽرنيشنل ايئر ٽيٽو 2025ع شو ۾ ايوارڊز ملڻ تي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد -20 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪ فضائيه کي برطانيه ۾ منعقد ٿيل رائل انٽرنيشنل ايئر ٽيٽو 2025ع شو ۾ ايوارڊز کٽڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. قومي اسيمبلي جي ميڊيا سيل مان جاري ٿيل بيان ۾ اسپيڪر پاڪ فضائيه لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي جي ايف-17 ٿنڊر بلاڪ سي ۽ سي-130 جي اعليٰ ڪارڪردگي تي پائليٽس، ٽيڪنيشنز ۽ قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪ فضائيه جي ڪاميابي پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪ فضائيه عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي، دشمن جي 6 جهازن کي ڪيرائڻ پاڪ فضائيه جي پيشيواراڻي مهارت جو ثبوت آهي. هن چيو ته رائل ايئر شو ۾ پاڪ فضائيه جي ڪاميابي قومي وقار جي ڪاميابي آهي. پاڪستان جي هوائي حدن جو دفاع باصلاحيت ۽ مضبوط هٿن ۾ آهي. اسپيڪر، وطن جي محافظن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته قوم کي توهان تي فخر آهي.











