اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته الحاق جو ڏهاڙو تاريخ جي اها روشن صبح آهي جڏهن ڪشميرين ڊوگره راڄ جي جبر کي رد ڪري پاڪستان کي پنهنجي سياسي ۽ روحاني منزل قرار ڏنو، 19 جولاءِ 1947ع تي ڪشميرين هڪ اهڙو فيصلو ڪيو جيڪو وقت جي گرد، ظلم جي ڌنڌ ۽ بندوقن جي گونج ۾ به نه مٽجي سگهيو. …
الحاق جو ڏهاڙو تاريخ جي اها روشن صبح آهي جڏهن ڪشميرين ڊوگره راڄ جي جبر کي رد ڪري پاڪستان کي پنهنجي سياسي ۽ روحاني منزل قرار ڏنو: گهرو وزير

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته الحاق جو ڏهاڙو تاريخ جي اها روشن صبح آهي جڏهن ڪشميرين ڊوگره راڄ جي جبر کي رد ڪري پاڪستان کي پنهنجي سياسي ۽ روحاني منزل قرار ڏنو، 19 جولاءِ 1947ع تي ڪشميرين هڪ اهڙو فيصلو ڪيو جيڪو وقت جي گرد، ظلم جي ڌنڌ ۽ بندوقن جي گونج ۾ به نه مٽجي سگهيو. پاڪستان سان الحاق جي ڏهاڙي جي موقعي تي گهرو وزير پنهنجي پيغام ۾ چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جو فرمان آهي ته ”ڪشمير پاڪستان جي شه رگ آهي“ اهو اڄ به اسانجي قومي شعور جو مرڪز آهي، ڪشمير جي فضا ۾ اڄ به اها ئي يقين جي صدا گونجي رهي آهي جنهن کي 1947ع جي غيور ڪشميرين بلند ڪيو هو. محسن نقوي چيو ته ڀارتي رياست جو فوجي جبر، ڪارو قانون ۽ انساني حقن جي پامالي ڪشميرين جي وفا کي نه ٽوڙي سگيا نه جهڪائي سگهيا، پاڪستان سان الحاق جي ڏهاڙي تي شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿاجن پاڪستان سان نظرياتي نسبت کي زندگي کان عزيز تر ڄاتو. هن چيو ته گڏيل قومن جا ٺهراءُ اڄ به منتظر آهن ته عالمي ضمير جاڳي ۽ ڪشميرين کي انهن جو جائز خوداراديت وارو حق ڏنو وڃي، حريت اڳواڻن کي جيلن ۾ وجهي، زبانن کي بند ڪري ۽ قبرون کوٽي به ڀارت ڪشميرين جي دلين مان پاڪستان کي ڪڍي ناهي سگهيو. گهرو وزير چيو ته پاڪستان سان الحق جو ڏهاڙو عالمي برادري لاءِ آئينو آهي جنهن ۾ ان کي پنهنجي خاموشي، بي بسي ۽ ٻٽي معيار جو چهرو ڏسڻ گهرجي، الحق جو ڏهاڙو تجديد عهد جو ڏينهن آهي ته ڪشميرين جون قربانيون اسان تي امانت آهن جن جو قرض رڳو آزادي آهي. محسن نقوي چيو ته انشاالله اهو لمحو پري ناهي جڏهن ڀارت کي ڪشميرين جي جائز حق آڏو سر جهڪائڻو پوندو، ڪشميرين جي آزادي جي تحريڪ ۾ پاڪستان پنهنجن ڀائرن جي سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.











