پاڪستان جي معيشت جي ٻاهرين شعبن ۾ نمايان اڳڀرائي، 22 سالن جو سڀ کان وڏو ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس: خرم شهزاد

اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي بابت وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته جون 2025ع جي پڄاڻيءَ تي ڪرنٽ اڪائونٽ 328 ملين ڊالرن جي سرپلس سان بند ٿيو جنهن سان پوري مالي سال جو مجموعي سرپلس 2.1 ارب ڊالر کان وڌي ويو، اهو 14 سالن کانپوءِ پهريون ساليانو ۽ 22 سالن دوران سڀ کان وڏو سرپلس آهي. پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي معيشت …

اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي بابت وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته جون 2025ع جي پڄاڻيءَ تي ڪرنٽ اڪائونٽ 328 ملين ڊالرن جي سرپلس سان بند ٿيو جنهن سان پوري مالي سال جو مجموعي سرپلس 2.1 ارب ڊالر کان وڌي ويو، اهو 14 سالن کانپوءِ پهريون ساليانو ۽ 22 سالن دوران سڀ کان وڏو سرپلس آهي. پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي معيشت جي ٻاهرين شعبن ۾ نمايان اڳڀرائي 22 سالن جو سڀ کان وڏو ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس، پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي، روانگي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تاريخي واڌ آهي. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت جي ٻاهرين شعبن مالي سال 25-2024ع دوران تاريخي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، جيڪو پائيدار استحڪام، صحيح رُخ ۾ اقتصادي پاليسين ۽ اعتماد جي بحاليءَ جو نتيجو آهي. هن ٻُڌايو ته ٽيڪسٽائل روانگي واپار ۾ ساليانو 7.4 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو وڌي 17.9 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو جيڪو آمدني شعبي جي بحالي، پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ بهتر مارڪيٽ تائين پهچ جو اهڃاڻ آهي. هن چيو ته سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 5 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ مالي سال 25ع ۾ ڪل سيڙپڪاري 2.5 ارب ڊالر رهي. هن چيو ته پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي ۾ 27 سيڪڙو جي تاريخي واڌ رڪارڊ ٿي جنهن جي ماليت 38 ارب ڊالر کان وڌي وئي، اها پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي اعتماد، مالي سڌارن ۽ پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي جي سهولتڪاري جي قدمن جو نتيجو آهي. هن چيو ته ريئل ايفيڪيٽو ايڪسچينج ريٽ (آر اي اي آر) انڊيڪس گهٽ ٿي 96.6 تائين اچي وئي آهي جنهن سان پاڪستاني رپيو عالمي ڪرنسين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ چٽاڀيٽي وارو ٿي ويو آهي جيڪو ايندڙ روانگي واپار ۾ بهتري ۽ ٻاهرين توازن جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ به ترقيءَ جو تسلسل برقرار رکندي ڪي ايس اي 100 انڊيڪس جي 140000 پوائنٽس جي تاريخي سطح پار ڪري ورتي آهي. پاڪستاني اسٽاڪ مارڪيٽ جولاءِ 25ع تائين جي ڪارڪردگي جي لحاظ سان دنيا جي بهترين اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ شامل آهي ۽ هن وقت عالمي سطح تي چوٿين نمبر تي آهي، مارڪيٽ جي مجموعي ماليت 16.8 ٽريلين رپيا (تقريبن 60 ارب رپين) تائين پهچي چڪي آهي، عالمي سطح تي پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ کي جولاءِ 25ع تائين جي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي دنيا جي چوٿين بهترين مارڪيٽ قرار ڏنو ويو آهي. خرم شهزاد چيو ته سمورا هاڪاري اهڃاڻ ان ڳالهه جي گواهي ڏين ٿا ته پاڪستان جي معيشت صحيح رُخ طرف گامزن آهي، حڪومت مالي استحڪام، روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ، سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ معاشي ترقيءَ جي عمل کي جاري رکڻ لاءِ پُرعزم آهي.