اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي قلات کان ڪوئيٽه ويندڙ پوليس قافلي تي دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي فتنه الهندستان جي هڪ سازش قرار ڏنو آهي. گهرو وزارت طرفان جاري بيان ۾ محسن نقوي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته وقتي ڊي ايس پي انسپيڪٽر عبدالرزاق ۽ ڪانسٽيبل رضا محمد جان جو نذرانو ڏئي وطن جي …
گهرو وزير محسن نقوي پاران قلات ۾ پوليس قافلي تي فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي حملي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي قلات کان ڪوئيٽه ويندڙ پوليس قافلي تي دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي فتنه الهندستان جي هڪ سازش قرار ڏنو آهي. گهرو وزارت طرفان جاري بيان ۾ محسن نقوي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته وقتي ڊي ايس پي انسپيڪٽر عبدالرزاق ۽ ڪانسٽيبل رضا محمد جان جو نذرانو ڏئي وطن جي حرمت ۽ امن جي حفاظت جو عظيم فرض سرانجام ڏنو آهي. هن شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته پوري قوم سندن غم ۾ برابر جي شريڪ آهي. گهرو وزير زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا ڪئي ۽ ان عزم کي ورجايو ته ان بزدلاڻن حملن سان رياست جا حوصلا ڪمزور نه ٿيندا. هن چيو ته فتنه الهندستان جا دهشتگرد بلوچستان سميت پاڪستان جي ٻين حصن ۾ پرڏيهي مداخلت تي بدامني پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر قوم جي تائيد ۽ سيڪيورٽي ادارن جي جرئت سان سندن مڪمل خاتمو يقيني بنايو ويندو.











