اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ليبيا جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفه ابو قاسم هفتار وفد سان گڏ وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي وزيراعظم ليبيا جي ڪمانڊر ان چيف ۽ سندس وفد کي پاڪستان ۾ ڀليڪار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي …
وزيراعظم شهباز شريف سان ليبيا جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفه ابو قاسم هفتار جي وفد سان گڏ ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ليبيا جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفه ابو قاسم هفتار وفد سان گڏ وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي وزيراعظم ليبيا جي ڪمانڊر ان چيف ۽ سندس وفد کي پاڪستان ۾ ڀليڪار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ليبيا جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف پاڪستان ۾ سندس استقبال ۽ ميزباني تي وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير رضا حيات هراج، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر توقير شاهه، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.











