اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جهلم ضلعي ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقي ۾ ريسڪيو آپريشن ۾ ماڻهن جون حياتيون بچائيندي شهيد ٿيندڙ پنجاب پوليس جي اهلڪار ڪانسٽيبل حيدر علي کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته حيدر علي شهيد تي پوري قوم کي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته حيدر علي پنهنجي جان …
وزيراعظم پاران ريسڪيو آپريشن دوران حياتيون بچائيندي شهيد ٿيندڙ ڪانسٽيبل حيدر علي کي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جهلم ضلعي ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقي ۾ ريسڪيو آپريشن ۾ ماڻهن جون حياتيون بچائيندي شهيد ٿيندڙ پنجاب پوليس جي اهلڪار ڪانسٽيبل حيدر علي کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته حيدر علي شهيد تي پوري قوم کي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته حيدر علي پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي ڪيترن ئي ماڻهن کي ٻوڏ واري پاڻي مان ريسڪيو ڪيو، حيدر علي شهيد تي پوري قوم کي فخر آهي. هن چيو ته حيدر علي شهيد جي گهرڀاتين جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي پوليس، سيڪيورٽي فورسز جي جوانن، اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم ايز جي اهلڪارن تازي ٻوڏ صورتحال ۾ بهترين ريسڪيو آپريشنز سرانجام ڏنا. وزيراعظم شهيد حيدر علي جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ سندس گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو.











