اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مالي سال 25 – 2024ع ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس 2.1 ارب ڊالرز تائين پهچڻ تي شڪر ادا ڪندي چيو آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس گذريل 22 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچڻ انتهائي خوش آئنده آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته حڪومتي قدمن جي ڪري پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا …
ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس گذريل 22 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچڻ انتهائي خوش آئنده آهي: وزيراعظم شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مالي سال 25 – 2024ع ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس 2.1 ارب ڊالرز تائين پهچڻ تي شڪر ادا ڪندي چيو آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس گذريل 22 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچڻ انتهائي خوش آئنده آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته حڪومتي قدمن جي ڪري پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 19 ارب ڊالرز کان وڌي ويا آهن، ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ۾ استحڪام جو بنيادي سبب مٽاسٽا جو ناڻو ۽ روانگي واپار ۾خاطرخواهه اضافو آهي. هن چيو ته ڏينهون ڏينهن بهتر ٿيندڙ مالياتي ۽ معاشي انگ اکر اهو ظاهر ڪن ٿا ته ملڪي معيشت استحڪام جي رستي تي گامزن ٿي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست ماحول وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي حوالي سان ترجيحي قدم کڻي رهي آهي، حڪومت جي معاشي ٽيم جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.











