اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان جي دوست ملڪن کان سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ بابت جامع سيڙپڪاري پورٽ فوليو جي تياري جي لاءِ قائم ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ موجوده غيرملڪي سيڙپڪاري جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ شروعاتي مرحلي جي منصوبن جي هڪ فهرست تجويز …
اسحاق ڊار جي صدارت ۾ سيڙپڪاري پورٽ فوليو جي تياري بابت قائم ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان جي دوست ملڪن کان سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ بابت جامع سيڙپڪاري پورٽ فوليو جي تياري جي لاءِ قائم ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ موجوده غيرملڪي سيڙپڪاري جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ شروعاتي مرحلي جي منصوبن جي هڪ فهرست تجويز ڪئي وئي. توانائي، بنيادي ڍانچي ۽ نجڪاري جي شعبن ۾ تعاون جي اسٽريٽجڪ موقعن جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي اهڙي قابل عمل سيڙپڪاري جي موقعن ۽ ترقياتي قدمن جي نشاندهي ڪن جيڪي گڏيل خوشحالي کي فروغ ڏئي سگهن ۽ پائيدار معاشي ترقي ۾ مددگار ٿين. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وزير، ناڻي واري خاص معاون طارق باجوه، نجڪاري واري صلاحڪار، نيشنل ڪوآرڊينيٽر ايس آءِ ايف سي، واپڊا چيئرمين، پيٽروليم ۽ ايس آءِ ايف سي جي سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل ادارن جي ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.











